Saturday , April 20 2024

جسقم ۽ سچوا ميهڙ ۾ بيدردي سان ٽن ڄڻن جي قتل جو جرڳو ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پئي

دادو(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ سنڌ چانڊيا ويلفيئر اسيوسيئيشن، سوا مهينو اڳ ميهڙ ۾ ڪرم الله چانڊيوسندس ٻن پٽن ڪابل ۽ مختيار چانڊيوکي  بيدردي سان قتل ڪرڻ واري معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ جرڳو ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ جسقم ناري تحريڪ جي صدر ناياب سرڪش چانڊيو، سچوا چيئرمين عبدالمالڪ چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منٿ ميڙ قافلي جي نالي تي مقترولن جي وارثن وٽ پهچي کين معاملو جرڳي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ چيو. قافلي چانڊيا هائوس تي تمندار صدا حسين چانڊيو، پرويز چانڊيو ۽ رياض چانڊيو سان ملاقات ڪري معاملي کي جرڳي / راڄوڻي ذريعي حل ڪرائڻ لاءِ چيو. مقتولن جي وارث صدا چانڊيو چيو ته واقعي کانپوءِ  قاتل مرتضيٰ چانڊيو مسلسل سردار خان چانڊيو سان رابطي ۾ هو. جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن. هن چيو ته سردار چانڊيو جيڪڏهن ٽنهي جوابدارن مرتضيٰ چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو ۽ ڪريم بخش چانڊيو کي پوليس حوالي ڪري ته اسان ڳالهين لاءِ تياريون آهيون

قافلي جي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ قبيلائي تڪرار خطرناڪ آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته ڌريون ڳالهيون ڪري پاڻ ۾ ٺهي وڃن ۽ وڌيڪ ڪو خون خرابو نه ٿئي. ميڙ منٿ قافلو اها موٽ ملڻ بعد چانڊيا سردارن سان ڳالهين لاءِ وينداسين.

ٻي طرف اهي به چوٻول آهن ته منٿ ميڙ لاءِ قافلو موڪليو ئي متاثرن پاران قتل جي الزام هيٺ  سردار چانڊيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *