Wednesday , April 24 2024

جسقم جو پيغام سنڌ مارچ، هزارين ماڻهن جي شرڪت،ڪراچي پريس ڪلب آڏو جلسو

جسقم جو پيغام سنڌ مارچ، هزارين ماڻهن جي شرڪت،ڪراچي پريس ڪلب آڏو جلسو

ملير / ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سنڌ کي ورهائڻ جي سازشن خلاف گلشن حديد کان ڪراچي پريس ڪلب تائين شاندار پيغام سنڌ مارچ ڪڍيو ويو، عورتن جو به وڏو انگ شريڪ، سنڌ ورهائڻ جي سازشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف نعريبازي، صنعان قريشي چيو آهي ته جيستائين سنڌ جو هڪ به پٽ جيئرو آهي ايستائين ان خلاف هڪ به سازش ڪامياب نه ٿيندي، عدم تشدد جي پاليسي تي عمل ڪري سنڌ جا حق وٺنداسين.

جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد کان پيغام سنڌ مارچ ڪڍيو ويو،. ريلي جي ڀينس ڪالوني، رزاق آباد، منزل پمپ موڙ، قائد آباد، ملير پندرنهن، ناٿا خان، ڊرگ روڊ ۽ ڪارساز وٽ جسقم جي ڪارڪنن شاندار آجيان ڪئي مارچ ۾ شامل ٿيندا ويا، مارچ شاهراهه فيصل کان ٿيندو، ڪراچي پريس ڪلب آڏو پهچي هڪ وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ مارچ جي جلسي کي خطب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته، پيغام سنِڌ مارچ انهن ماڻهن لاءِ پيغام آهي ته، سنڌ هڪ آهي ۽ هنڪ رهندي پر ان خلاف سازشو ڪندڙ ختم ٿي ويندا، جيستائين سنڌ جو هڪ سپوت زندهه آهي ايستائين سنڌ کي ڪير به ورهائي  ه ٿو سگهي ۽ اهڙيون سازشون ناڪام بڻجي وينديون. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ۽ سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد جي پرچارڪن ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هيءَ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ ماءُ تي ڪڏهن به سوديبازي نٿي ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *