Tuesday , April 23 2024

جرڳائي وڏيري ناري کي ڪاري قرار ڏيڻ بعد مبينا طور پاڻ شادي ڪري ڇڏي

وڏاماڇيون (رپورٽر  سنڌسماءَچار) پسند جي پرڻي بعد تحفظ لاءِ خيرپور ويندڙ جوڙي کي مبين طور اغو ڪرڻ بعد جرڳو ڪري ناري ۽ نوجوان کي قتل جي فتويٰ ڏيندڙ وڏيري ناري سان مبينا طور تي پاڻ شادي ڪري ڇڏي آهي. ڳوٺ تلو ڀانڊو واسي نوجوان جاويد ميتلو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته، هن صائمه ميتلو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو. پر برادري جي وڏيرن معاملي جو جرڳو ڪري اسان ٻنهي کي ڪاروڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي، جنهن بعد هن صائمه کي پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو هو. نوجوان جاويد دعويٰ ڪئي آهي ته وڏيري بشير ميتلو سندس زال سان نڪاح مٿان نڪاح ڪري شادي ڪئي آهي ۽ مونکي قتل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. نوجوان ته ڄاڻايل وڏيري بشير کي گرفتار ڪيو ويو هو پر پوليس وڏي رقم وٺي کيس آزاد ڪيو آهي، هن چيو ته وڏيرن ۽ پوليس وڏو ناحق ڪيو آهي، جيڪڏهن مونسان انصاف نه ٿيو ته پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *