Friday , March 29 2024

تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي، آمريڪي تيل جي منڊي بحران جي ورچڙهي وئي

آمريڪي تيل جي منڊي بحران جي ورچڙهي وئي

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) تيل جي عالمي منڊي وڏي بحران جي ور چڙهي وئي آهي، آمريڪا ۾ تيل جا اگهه تاريخ هيٺئين سطح تائين ڪري پيا. ڪرونا وائرس جي وبا ڦهلجڻ کانپوءِ تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه ڪري پيا آهن، پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ مطابق آمريڪي بينچ مارڪ ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) مئي مهيني دوران تيل جي خريداري ڪاٽو 37 ڏهائي 63 ڊالر في بيرل جي سطح تي بند ٿي، رپورٽ مطابق مئي مهيني جي لاءِ تيل جي خريداري جو 21هين مئي اڱارو آخري ڏينهن هوندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ پکڙيل ڪرونا وائرس جي وبا جي نتيجي ۾ لاڪ ڊائون سبب تيل جي کپت ۾ وڏي پئماني تي گهٽئاي اچڻ سبب تيل جي مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي آئي آهي. تيل جي اگهن ۾ ٻاڙائي جي نتيجي ۾ آمريڪا جي تيل جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون به بند ٿي ويون آهن. ڊائو جونز واپاري انڊيڪس “ اي ٽي ” ۾ به هڪ ڏهائي 79 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، اهڙي طرح نيسڊاڪ ڪمبوزٽ ٻڙي ڏها 46 گهٽيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *