Wednesday , April 24 2024

تنگواڻي ريل حادثي تي شرمندو آهيان، قوم کان معافي ٿو وٺان: شيخ رشيد

سکر(رپورٽر سنڌسماءَچار) ريلوي واري وفاقي وزير تنگواڻي ريل حادثي تي شرمندگي جواظهار ڪندي قوم کان معافي گهري ورتي آهي، هن حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان ڏک جو ڪيو آهي. سکر ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته تنگواڻي ۾ ريل جي ٽڪر ۾ رڪشا سوار 10 عورتن ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي کيس دلي صدمو پهتو آهي، جنهن تي هُو قوم کان معافي جو طلب گار آهي. سکر ۾ وڌيڪ ٻن نين ٽرينن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، شيخ رشيد چيو آهي ته سنڌ ۾ جلد وڌيڪ 2 نيون ٽرينون هلايون وينديون، پاڪ چين دوستي کي ٽرين وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿي، ٽرين بنا سي پيڪ جو حسن اجاگر نه ٿي سگهندو. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سکر ريلوي اسٽيشن تي ٻن نين ٽرينن روحي ايڪسپريس ۽ موهن جو دڙو ايڪسپريس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. نيون ٽرينون موهن جو دڙو ايڪسپريس روهڙي کان ڪوٽڙي تائين هلندي ۽ روحي ايڪسپريس سکر کان سرائيڪي علائقي جي شهر خانپور ڪٽوره تائين هلائي ويندي.  ٽرينن جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ 2 نيون ٽرينون جلد هلايون وينديون. هن چيو ته پاڪ چين دوستي کي ٽرين وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿي، ٽرين بنا سي پيڪ جو حسن اجاگر نه ٿي سگهندو. شيخ رشيد چيو ته 100 ڏهاڙن ۾ سنڌ کي وڌيڪ 3 ٽرينون ڏنيون وينديون، سکر مان وڌيڪ هڪ تيز ترين ٽرين هلائڻ جو به منصوبو آهي. هن چيو ته ريلوي کي نيلام گهر بڻائيندڙن جو انجام خراب ٿيندو، لٽيل پئسو هميشه تباهي جي کڏ ۾ کڻي ويندو آهي. شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيتري غربت هن سکر ۾ ڏٺي آهي، ايتري ڪٿي به ناهي ڏٺي، ڪوشش آهي ته ريلوي ۾ 10 هزار نيون ڀرتيون ڪيون وڃن.  هن چيو ته ڪنهن به ڪچي آبادي کي ختم نه ڪيو ويندو، ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي مهانگي زمين تان جلد قبضا ختم ڪرايا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *