Thursday , March 28 2024

تنهنجي ياد، تنهنجي وفا، ٻڙڪ نه ٻاهر نڪتي(بابا سائين ڪامريڊ ممتاز حسين شر جي ياد): اصغر آزاد

هونئن ته مونکان ڪڏهن وسريو ئي ناهي ته ياد ڇا ڪندس، جڏهن به ”حالتن ۽ دنيا داري“، کي نظر ۾ رکندي، دڳ ڇڏڻ چاهين ۾ توهان جي زندگي جو عڪس اکين آڏو ڦري نرڙ ۾ ڪاوڙ جا وڪڙيل ڏيکاريو هليو ويندو آهي ۽ مان به مسڪرائي ٺهيو ڪري ڇڏيندو رهيو آهيا.

هاڻي اهڙي ڪيفيت ته گذريل 8 سالن کان وري ناهي آئي. جن ڏينهن ۾ عورتن کي علاج خاطر اسپتال وٺي وڃڻ کي اڪبري عيب سمجهيو ويندو هو، انهن ڏينهن ۾ جڏهن علاج خاطر اوهان امان کي شهر سرڪاري اسپتال وٺي ويندا هئا ۽ ان ملامت جو هڪ هڪ جملو ياد اٿم. (ان سان گڏوگڏ مان ماما سائين ڪامريڊ مرتضيٰ کي ڪيئن ٿو وساري سگهان، جنهن انهن ڏينهن ۾ ڳوٺ ڇڏي شهر اچي وسايو ۽ جيڪو ڪجهه برداشت ڪيو اهو هُو پاڻ ئي بهتر ڄاڻي سگهي ٿو). بابا سائين اڄ جڏهن پنهنجي شهر ۾ عورتن کي اسپتال ايندي ڏسندو آهيان ته، خوشي مان اکيون پوسل ڪري ڇڏينديون آهن. مان اهو به ڏينهن نه ٿو وساري سگهان ۽ نه ئي ان شخص کي وساري سگهندس جنهن بابا سائين کي جملا چيا هئا. اهو واقعو ڪجهه هيئن آهي ته، (ڪير هو خبر آهي پر نالو نه لکندس) پڪاچانگ شهر۾ ڪالاباغ ڊئم خلاف احتجاجي مظاهري کانپوءِ واپس گهر ويندي، شهر کان اڍائي ٽي ڪلوميٽر ٻاهر ڀنگو بهڻ طرف ويندڙ دڳ تي مير واهه جي پُل وٽ، هن چيا هئا ۽ بابا کيس جاوب ۾ جملو چيو هو. ”ممتاز تنهنجو ڇو موٽ، هن چيا هئا ۽ بابا کيس جواب ۾ جملو چيو هو. ”ممتاز تنهنجو ڇو مٿو خراب ٿيو آهي، ڪجالاباغ ڊائم خلاف وتين ٿو احتجاج ڪندو، ماڻهو گڏ ڪندو، ڪهڙيون تنهنجون ڪيٽيون سڪنديون“. بابا کيس چيو هو، سڄي سنڌ منهنجي آهي ۽ مان سنڌ جو آهيان، باقي نظرين کي نبيري پونداسين، ٻيهر توکي مظاهري ۾ شرڪت لاءِ نه چوندس“. باباسائين اڄڪلهه اهي ماڻهو پاڻي کوٽ خلاف رڙيون پيا ڪن، وڏيرن (هڪڙا انهن جا پنهنجا ٻيا سياسي مخالف) خلاف الائي جي ڇا ڇا چوندا پيا وتن.

هائو بابا سائين ، جڏهن مان پيپلز پارٽي جي ڪرتوتن بابت لکندو آهيان ته، تنهنجو پراڻو سنگتي ۽ پ پ جو ڪرتو ڌرتو، نياپا ڪرائي تنهنجا واسطا ياد ڏياريندو آهي. پر، باباسائين مونکي اوهان جا  اهي لفظ ياد آهن ته، سڄي سنڌ منهنجي آهي ۽ مان سنڌ جو آهيان، نظرين کي نبري پونداسين. باباسائين مان ڪٿي اوهان جي نافرماني ته ناهي ڪئي نه….

بابا سائين کي کوڙ سارن دوستن ۽ مٽن مائٽن کان شڪايتون هونديون هيون، پر هُو انهن جي ڳالهين کي نظرياتي مخالفت سمجهي ٽاري ڇڏيندو هو.

(بابا سائين ڪامريڊ ممتاز حسين شر جي ياد ۾ وکريل وجود  جون سٽون. بابا سائين جو فوٽو ناهي، ڏاڍي ڪوشش ڪئي هٿ ڪرڻ جي ڪنهن وٽان به نه مليو)

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *