Thursday , April 25 2024

تعليم کاتي پاران ٻن تربيتي ادارن کي ضم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم کاتي استادن جي تربيت جي ٻن ادارن کي ضم ڪري هڪ ادارو بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ تعليم کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ استادن جي تربيت جي ٻن ادارن نصاب ۽ اسَيسَمَينٽ کي گڏ ڪري هڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ شاگردياڻين جي انرولمينٽ وڌائڻ لاءِ کين گهر کان اسڪول تائين پهچائڻ لاءِ گاڏيون هلائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران کاتي ۾ ڀرتين جي پاليسي جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي. تعليم کاتي جي اجلاس ۾ بجيٽ کي ضروت موجب استعمال ڪرڻ سميت ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ سائنس ميوزم قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *