Friday , March 29 2024

ترقي پسند پارٽي جي ٻيٽن تي قبضي خلاف شاندار ريلي، 14 آڪٽوبر تي عام هڙتال جو اعلان

ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهين، وفاق آرڊيننس ذريعي سنڌ جي جعغرافيائي وحدت تي وار ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن بنه صورت ۾ قبول ناهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

ٻيٽن تي والار خلاف جيڪا به تنظيم احتجاج جو سڏ ڏيندي ان جي حمايت ڪيون ٿا، قبضو ختم ٿيڻ تائين تحريڪ جاري رهندي: ايس ٽي پي سربراهه

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف ڪراچي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي، هر طرف ٻيٽن تي قبضو نامنظور جا نعرا گوندا رهيا، ڊاڪٽر قادر مگسي ٻيٽن تي والار خلاف 14هوين آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ عام هڙتا جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، جيستائين ٻيٽن تا قبضو ختم ڪري، پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جوڙڻ وارو صدارتي آرڊيننس واپس نه ورتو ويندو ايستائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، قادر مگسي گونر سنڌ جي نمائندي کي يادداشت نامو پڻ پيش ڪيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي، سنڌ جي  ڏنگي ۽ بُنڊار ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي قبضي ۽ انهن تي نموان شهر اڏڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس ذريعي اٿارٽي قائم ڪرڻ خلاف ملير کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڊاڪٽر قادر مگسي، فتاح سميجو، گلزار سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا، ريلي ۾ ايس ٽي پي کانسواءِ جسقم، ايس يو پي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن بنا ڪنهن نظرياتي فرق جي ڀرپور شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻندي رهي آهي، هاڻي هڪ صدارتي آرڊيننس ذرفيعي سنڌ جي جعغرافيائي وحدت تي به وار ڪيو ويو آهي، سنڌي ماڻهو صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ قائم ڪيل اٿارٽي سميت ڪنهن به اهڙي حڪم يا عمل کي قبول نه ڪنداسين جيڪو سنڌ جي وحدت خلاف هجي. هن چيو ته ٻيٽن واري معاملي تي جيڪا به سياسي، سماجي يا سول سوسائٽي جي تنظيم احتجاج ڪندي ايس ٽي پي ان جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، فشر فوڪ فورم جي احتجاجي ريلي جي به حمايت ڪيون ٿا.

ان کان اڳ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي گورنر هائوس ۾ ياداشتنامو پيش ڪري ڇڏيو، يادداشتنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، ٻيٽن تي وفاقي قبضي لاءِ آرڊيننس جي صورت ۾ جاري ٿيل نادر شاهي حڪم آئين جي ڀڃڪڙي آهي، وفاقي سرڪار آئيلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس واپس وٺي سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪري، وفاق طرفان سنڌ جي ڪنهن به حصي تي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ کي صوبي جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند تصور ڪيو ويندو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۾ پيپلز پارٽي به ڀائيوار آهي، سنڌ جو عوام وسيلن تي قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندو، ايس ٽي پي طرفان آرڊيننس رد ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

سنڌ حڪومت پاران ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهين، اين او سي ڏيڻ ۽ آرڊيننس جي ڪنهن ڪنهن کي خبر هئي؟

آئيلينڊ اٿارٽي جو چيئرمين مقرر، وڏو وزير مراد علي شاهه باخبر هئڻ باوجود خاموش

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *