Friday , March 29 2024

” تراويح نماز جي اجتماعن تي پابندي هوندي“: وڏو وزير مراد علي شاهه

” تراويح نماز گهرن ۾ ادا ڪئي وڃي، مسجدن ۾ صرف اتي مقرر ماڻهو تراويح پڙهي سگندا“ وڏو وزير

ڪراچي( رپوٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ جي مهيني دوران تراويح نماز جي اجتماعن تي پابندي لڳائي ڇڏي، مسجدن ۾ صرف مسجدن جا خدمتگار ئي تراويح پڙحي سگهندا، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مسجدون کليل رهنديون، اتي مقرر ٿيل مولوي ۽ خدمتگار مناسب مفاصلي تي ئي نماز ادا ڪري سگهندا. وڏي وزير مراد علي شاهه رات ديرسان پنهنجي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته، ڪرونا جي صورتحال سبب لاڪ ڊائون دوران ڪجهه شاپنگ سينٽرز ۾ ايس او پيز جي پابندي نه ڪرڻ تي انهن کي سيل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته، انتهائي ڏکئي صورتحال مان گذرندو اهو اعلان ڪيان ٿو ته تراويح نماز جا اجتماع نه ڪيا وڃن، گهرن اندر تراويح ادا ڪئي وڃي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته جلد کان جلد هي وبا ختم ٿي وڃي ۽ رمضان جي يا ٽئين ڏهاڪي ۾ صورتحال بهتر ٿي وڃي جيئن تراويح نماز جا اجتماع ٿي سگهن. وڏي وزير چيو ته سڀني کي گذارش ڪيان ٿو ته نماز تراويح گهرن ۾ ئي ادا ڪئي وڃي، ڇو جو خدشُ آهي ته تراويح نماز سميت هر قسم جي اجتماعن تي ضابطو نه آندو ته هي وبا وڏي  پئماني تي ڦهلجڻ جو خدشُ آهي، ڊاڪٽرز به اها ئي صلاح ڏني آهي ته، وائرس جي حوالي سان صورتحال انتهائي خراب آحي انڪري اجتماعن کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن پنجاب پاران به لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪرڻ ۽ هرقسم جا اجتماع ه ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. صدر عار علوي به پنهنجي ٽويٽ پيغام ۾ چيو هو ته، ڊاڪترز جي خدشڻ کي نظر ۾ رکندو تراويح نماز سميت سمورن اجتماعن بابت صوبا فيصلو ڪري سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *