Thursday , April 18 2024

تحريڪ انصاف قومي ادارن نجڪاري نه ڪرڻ واري منشور تان ڦري وئي

تحريڪ انصاف قومي ادارن نجڪاري نه ڪرڻ واري منشور تان ڦري وئي،بجلي گهر، اسٽيل ملز ۽ موٽرويز کپائڻ جون تياريون

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌ سماءَ چار) تحريڪ انصاف پاران عام چونڊن دوران  گهاٽي ۾ هلندڙ قومي ادارن کي کپائڻ بدران انهن کي مستحڪم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ تان هٿ کڻي وئي آهي، نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو اعلان ڪيو آهي ته، پاڪستان اسٽيل ملز، لاکڙا پاور هائوس، جناح ڪنوينشن سينٽر سميت موٽر ويز کپائي ڇڏينداسين، تياريون  مڪمل آهن. تحريڪ انصاف گذريل عام چونڊن ۾ قومي ادارن جي وڪري خلاف ۽ انهن کي نقصان مان ڪڍڻ جو علان ڪيو هو ۽ پنهنجي چونڊ من شور جو حصو بڻايو هو، پر حڪومت ۾ اچڻ بعد ان تان هٿ کڻي وئي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ محمد ميان سومرو قومي ادارن ۽ نجڪاري پلان بابت ايوان کي ڄاڻ ڏني. محمد ميان سومرو چيو ته بلوڪي پاور، حويلي بهادر پاور، ايس ايم اي بينڪ، فرسٽ وومين بينڪ، سروس انٽرنيشنل هوٽل لاهور، جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد، ماڙي پيٽروليم، پاڪستان اسٽيل ملز، او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل، 747 ميگاواٽ جو گڊو پاور پلانٽ، ننديپور پاور پلانٽ تڪڙن بنيادن تي نجڪاري واري لسٽ ۾ شامل آهن، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾لاکڙا ڪول ڊولپمينٽ ڪمپني، فيصل آباد، اسلام آباد، لاهور، گجرانوالا، ملتان، پشاور، حيدرآباد، ڪوئيٽا، سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپنيون، ڪوٽ ادو پاور ڪمپني، ڄامشورو پاور جنريشن ڪمپني، لاکڙا پاور جنريشن ڪمپني، پي آءِ اي جو نيويارڪ ۾ روزويلٽ هوٽل، نيشنل بوڪ فائونڊيشن سميت 28 ادارا شامل ڪيا ويا آهن.

محمد ميان سومرو چيو ته، جيڪي ادارا وڪري واري فهرست مان ڪڍيا ويا آهن انهن ۾ نيشنل بينڪ، انڊسٽريل ڊولپمينٽ بينڪ، ٽريڊنگ ڪارپوريشن (ٽي سي پي)، پي ايس او، سوئي نادرن ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپنيز، سول ايوي ايشن اٿارٽي، پي آءِ اي، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن، پاڪستان اسٽيل فيبريڪيٽنگ ڪمپني، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، پاڪستان ريلوي، نيشنل ڪنسٽرڪشن لميٽيڊ، پرنٽنگ ڪارپوريشن، پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، ٽيليفون انڊسٽري آف پاڪستان هريپور کي نجڪاري لسٽ مان خارج ڪيو ويو آهي.

” ڪراچي اور سنڌ “: صوبائي وزير عذرا پيچوهو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *