Tuesday , April 23 2024

تبديلي پسند پارٽي پاران 11 مئي تي سکر جلسي جو اعلان، سنڌ 25 سال اڳ واري حالت کان بدتر آهي: علي قاضي

تبديلي پسند پارٽي جو سربراهه  علي قاضي ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي

سکر( رپورٽر     سنڌسماءَچار) تبديلي پسندن جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته ماڻهن چيو پئي ته 8 اپريل واري جلسي ۾ ڪهڙا ماڻهو ايندا، پر عوام ڀرپور شرڪت ڪري ثابت ڪيو ته اهي تبديلي چاهين ٿا، سکر ۾ به 11 مئي تي تبديلي پسند پارٽي جو ٻيو وڏو جلسو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا. سکر پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته 24 سالن جي ڀيٽ ۾ اڄ ملڪ ۾ ڪرپشن وڌيڪ آهي، سنڌ جون حالتون 25 سال اڳ واري وقت کان بهتر ٿيڻ بدران بدتر ٿينديون پيون وڃن. مسئلا حل نه پيا ٿين ۽ ماڻهو مسئلن جي حل لاءِ پريس ڪلبز تي سراپا احتجاج بڻيل آهن، جڏهن ته مسئلا حل ڪرڻ صحافين جو نه پر حڪومت جو ڪم آهي.

تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه جو چوڻ هو ته، سنڌ ۾ سياسي متبادل ڊرائنگ روم ۾ ويهي نٿا آڻي سگهجن، ووٽ ذريعي ئي تبديلي آڻي سگهجي ٿي، ڀوتار ڪڏهن به نه چاهيندا ته تبديلي اچي. علي قاضي چيو ته سنڌ کي 420 ڀوتار نه گهرجن، اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪا تبديلي نه اچي، اسان جو مقابلو مايوسي پکيڙيندڙن سان آهي، اها ڳالهه ذهن ۾ وڌي وڃي ته تبديلي اچي سگهي ٿي. تبديلي پسند پارٽي سڄي سنڌ ۾ دورا ڪري رهي آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ سمورن تڪن تي اميدوار بيهاريا ويندا تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته هاڻ ڪروڙين ماڻهن کي وڌيڪ مايوس نٿو رکي سگهجي، اسان سنڌ ۾ متبادل طور سامهون آيا آهيون.علي قاضي سکر لڳ باگڙجي ۽ قريشي ميڙ ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو ۽ راڻيپور جي مظهر ماڊل اسڪول ۾ نوجوانن جي ميڙ کي به خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *