Saturday , April 20 2024

تبديلي سرڪار جي نئين تبديل، هڪ ڌڪ ۾ پيٽرول 6 رپيا في لٽرمهانگو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪتسان تحريڪ انصاف جي تبديلي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي جو بم ڪيرائيندي هڪ ئي ڌڪ سان پيٽرول 6 رپيا في لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪشين جاري. وفاقي حڪومت آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي پيٽرليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تبديلي سرڪار پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏيندي پيٽرول 6 رپيا في لٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 6 رپيا في لٽر، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ3- 3 رپيا في لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم شين جا اگهه وڌڻ کانپوءِ پيٽرول 98 رپيا 89 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 117 رپيا 43 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. گاسليٽ جو نئون اگهه 89 رپيا 31 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل 80 رپيا 54 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. موجوده حڪومت 7 مهينن دوران ٽيون ڀيرو پيٽرول مهانگو ڪيو آهي، ان کان اڳ دوائن ۽ عام واهپي جون ٻيون شيون پڻ مهانگيون ڪيون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *