Friday , March 29 2024

تبديلي سرڪار جي حج پانڌيئڙن لاءِ تبديلي، حج خرچن تان سبسڊي ختم

هن سال حج پانڌيئڙا حج خرچن جي مد ۾ ڏيڍ لک رپيا وڌيڪ ادا ڪندا

اسلام آباد(رپورٽر  سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت، مني بجيٽ کانپوءِ تبديلي جو سفر جاري رکندي حج پانڌيئڙن لاءِ مقرر ڪيل سبسڊي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي هر حج پانڌيئڙو ڏيڍ لک رپيا وڌيڪ ادا ڪندو، وفاقي ڪابينا اهڙو فيصلو حج پاليسي جي منظوري ڏيندي ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاران منظور ڪيل نئين حج پاليسي ۾ حاجي سڳورن کي ملندڙ سبسڊي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نئين پاليسي مطابق، حج پانڌيئڙا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڏيڍ لک رپيا وڌيڪ ادا ڪندا، وفاقي حڪومت جي نئين پاليسي موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پنجاب، ڪي پي، فاٽا جي حج پانڌيئڙن لاءِ حج خرچن ۾ هڪ لک 56 هزار رپيا وڌيڪ ادا ڪندا، سنڌ ۽ بلوچستان جا حج پانڌيئڙا حج خرچن جي مَد ۾ هڪ لک 46 هزار رپيا وڌيڪ ادا ڪندا، گذريل سال پنجاب ۽ ڪي پي جي حج پانڌيئڙن 2 لک 80 هزار، سنڌ ۽ بلوچستان مان حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙن 2 لک 70 هزار رپيا ادا ڪيا هئا.مذهبي معاملن واري وزارت وٽان مليل انگن اکرن موجب گذريل سال واري حج پاليسي تحت اتر ريجن يعني وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ۽ فاٽا لاءِ حج پئڪيج 2 لک 80 هزار هو. جڏهن ته سال 2018 ۾ ڏکڻ ريجن يعني سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ حج پئڪيج 2 لک 70 هزار رپيا مقرر هو، وفاقي حڪومت پاران اعلانيل نئين حج پاليسي ۾ تحت حج پانڌيئڙن جي خرچن ۾ ڏيڍ لک رپيا اضافو ٿي ويو آهي. نئين حج پاليسي موجب اتر ريجن يعني اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ۽ فاٽا واسين لاءِ حج خرچ 2 لک 80 هزار رپين مان وڌي 4 لک 36 هزار رپيا ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڏکڻ ريجن يعني سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ حج خرچ 2 لک 70 هزار رپين مان وڌي 4 لک 26 هزار رپيا ٿي وي آهي. چئني صوبن سميت اسلام آباد توڙي فاٽا جي حج پانڌيئڙن حڪومت پاران اعلانيل نئين حج پاليسي سبب خرچن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *