Thursday , April 18 2024

تبديلي سرڪار جو هڪ وڌيڪ تحفو؟؟

تبديلي سرڪار عوام مٿان پيٽرول بم ڪيراائي ڇڏيو، پيٽرول 115 رپيا 15 پئسن جو ٿي ويو

اسلام آباد(سنڌ سماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) تبديلي سرڪار مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪرائي ڇڏيو آهي، پيٽرول جي في ليٽر ۾ 5 رپيا  15 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، تبديلي جي سرواڻ وزيراعظم عمران خان پيٽرويم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. اوگرا گذريل ڏينهن پيٽروليم ڊويزن ڏانهن سمري اماڻيندي تيل اگهه ۾ واڌ جي سفارش ڪئي هئي. جنهن جي وزيراعظم عمران خان حتمي منظوري ڏئي ڇڏي. پيٽرول جي في لٽر اگهه ۾ 5 رپيا 15 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جو نئون اگهه 117 رپيا 83 پيسا ٿي ويو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5 رپيا 65 پيسا مهانگو ڪيو ويو، جنهن جي نئين قيمت 132 رپيا 47 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جي اگهن ۾ 5 رپيا 38 پيسا واڌ ڪرڻ بعد ان جي نئين قيمت 103 رپيا 84 پيسا في لٽر ٿي وئي. اهڙي ريت لائيٽ ڊيزل به 8 رپيا 90 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي، لائيٽ ڊيزل جو نئون اگهه 90 رپيا 52 پيسا مقرر ڪيو ويو، پيٽرول سميت تيل جا نوان اگهه پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *