Wednesday , April 24 2024

بي نامي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو ٽائيم فريم تيار، چيف سيڪريٽريز پريشان

بي نامي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو ٽائيم فريم تيار، وزيراعظم آفيس چئني چيف سيڪريٽريز ۽ سمورن ڊي سيز کي خط لکي ڇڏيو، چيف سيڪريٽريز پريشان

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ بي نامي ملڪيتون ۽ ٻيا اثاثا رکندڙن خلاف باضابطا طور ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي، فيصلي کانپوءِ چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز ۽ ملڪ جي سمورن ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز به پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن؛ وزيراعظم آفيس پاران چئني صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ سڄي ملڪ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز ۽ مختلف ڊولپمينٽ اٿارٽيز کي خط لکي ايف بي آر سان سهڪار جي هدايت ڪئي وئي آهي. اهڙو فيصلو 20هين آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو هو. وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل خط ۾ سمورن ڊي سيز ۽ سمورين ڊولپمينٽ اٿارٽيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، پنهنجن علائقن ۾ موجود بي نامي ملڪيتون رکندڙن جي نشاندهي ڪري 30 سيپٽمبر تائين پنهنجي رپورٽ تيار ڪري چيئرمين ايف بي آر کي پڄائڻ جا پابند آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ويهين اگسٽ واري اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تحت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي. جيڪي ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي علائقي ۾ بي نامي ملڪيتن بابت صحيح نشاندهي نه ڪندا يا وري بي نامي ملڪيون هجڻ باوجود رپورٽ ۾ ذڪر نه ڪندا ته انهن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ترقياتي اٿارٽين جي سربراهن کي ذميوار قرار ڏئي انهن خلاف بي نامي قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي خط لکي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سربراهي هيٺ ٿيل اجلاس جي فيصلي تي مڪمل طور عملدرآمد ڪرائن.

جگر جلال بازياب، سنڌ پوليس ڊي ايس پي شهيد ڪرائڻ بعد سردارن سان راڄوڻي ۾ ڪامياب

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *