Friday , March 29 2024

بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه لنڊن کان پاڪستان آندو پيو وڃي، حسن ۽ حسين ماءُ جي تدفين لاءِ نه ايندا

لنڊن(سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ايون فيلڊ فليٽس ۾ سزا آيل نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي لنڊن ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مڙهه پاڪستان منتقل ڪيو پيو وڃي. نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين نواز پنهنجي امڙ جي مڙهه دفنائڻ لاءِ پاڪستان نه ايندا، لنڊن کان پاڪستان لاءِ ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام، پي ڪي 758 ڏيڍ ڪلاڪ دير سان لنڊن کان پاڪستان لاءِ رواني ٿي وئي آهي. بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه نواز شريف جو ڀاءُ شحباز شريف کڻائي اچي رهيو آهي. شريف خاندان جي ذريعن مطابق بيگم ڪلثوم نواز جي لنڊن ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد، لنڊن جي مقامي وقت مطابق 6 لڳي 15 منٽن تي ( پاڪستاني وقت مطابق خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات سوا ڏهين وڳي) پي آِءِ اي جي اڏام ذريعي پاڪستان لاءِ روانو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه برطنيا کان باهر کڻي وڃڻ لاءِ ڪورونر جي عدالت مان سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪيو ويو. پي آءِ جي اڏام پي ڪي 758 جنهن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه پاڪستان آندو پيو وڃي اها اڏام جمعي ڏينهن صبح جو تقريبن 6 وڳي لاهور ايئرپورٽ تي لهندي. سول ايويايشن اٿارٽي، گهرو وزارت، دفاع واري وزارت سميت لاڳاپيل اختيارين بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه کڻڻ لاءِ 7 گاڏين ۽ هنڪ ايمبولينس کي لاهور ايئرپورٽ اندر وڃڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي، جيڪي گاڏيون عصر ويل ايئرپورٽ تي پهچي وينديون. ايئرپورٽ تان مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ حمزه شهباز، سلمان شهباز، يوسف عباس، عزيز عباس ۽ عطا تارڙ کي ايئرپورٽ اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته نواز شريف ۽ مريم نواز به مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ وڃي سگهن ٿا. بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه لاهور ايئرپورٽ کان جاتي امرا نيون ويندو، جتي پهريان شريف ڪٽنب جي رهائشگاهه نيون ويندو، جتي سندس آخري ديدار ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ مڙهه شريف ميڊيڪل ڪمپليڪس نيون ويندو جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *