Thursday , March 28 2024

فيض گنج: پي ايس 31 جو ايم پي اي ۽ بارداڻي جو ايڊوانس پر عوامي مسئلن کان پري

Rafiq Banbhan

ڊاڪٽررفيق ٻانڀڻ-ايم پي اي پي ايس 31

خيرپور ضلعي جي صوبائي تڪ پي ايس 31 تان چونڊيل فنڪشنل ليگ جو ايم پي اي ڊاڪٽررفيق ٻانڀڻ به گذريل ساڍن چئن سالن دوران تڪ جي عوام ۽ سندن مسئلن کان پري بيٺل رهيو آهي. آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ، ڪڻڪ جي بارداڻي ۽ زرعي پاڻي جي چوري خلاف ٿيندڙ احتجاجن جو پ پ اڳواڻن ته ڪو نوٽيس وٺي سندن احتجاجن ۾ شرڪت يا حمايت نه ڪئي پر تڪ جو چونڊيل ايم پي اي به ماڻهن کان پري رهيو آهي.

فيض گنج جي آبادگارن ربيع توڙي خريف جي مند دوران فصلن جي پوکي لاءِ پاڻي جي کوٽ خلاف مسلسل احتجاج ڪندا رهيا پر کين نه بارداڻو نصيب ٿيو ۽ نه وري پاڻي جي کوٽ ختم ٿي سگهي. آبادگارن عطاحسين، خادم شر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هُو بارداڻي ۽ پاڻي جي کوٽ سميت آبادگارن جي ٻين مسئلن لاءِ احتجاج ڪندا رهيا آهن پر هتان جي چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءَ به ناهي چُرندي. هنن سنڌسماءَ چار کي ٻڌايو ته هُو صرف اهو چاهين ٿا ته سندن مسئلا حل ٿين، واهن ۽ شاخن مان غير قانوني طور گيج وڌايل مانڊول اصل حالت ۾ آندا وڃن، ونجهيون ۽ نوليون هڻي پاڻي چوري ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. ميرٽ جي بنياد تي آبادگارن ۾ بارداڻو ورهايو وڃي ۽ ڦٽين سميت ٻين زرعي جنسن جا اگهه مناسب ڏنا وڃن.

Sheraz Shaukat RajperSajid Banbhan01

ٻي طرف هڪ نوجوان سنڌسماءَچار کي نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جن ڏينهن ۾ بارداڻي نه ملڻ تي بي پهچ ۽ ننڍا آبادگار احتجاج ڪري رهيا هئا ته تڪ جي ايم پي سندن مسئلو حل ڪرائڻ بدران پاڻ ڪڻڪ جي مَدَ ۾ مُنو ڪروڙ (85 لک رپين کان وڌيڪ) جي رقم اڳواٽ وٺي خاموش ٿي ويهي رهيو. هن ٻڌايو ته ساڳيو حال پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو آهي اُهي به صرف مخصوص ماڻهن جا ڪم ڪن ٿا باقي بي پهچ ۽ غريب ماڻهو هميشه وانگر رلندا رهن ٿا ۽ سندن ڪو به ڌڻي سائين ناهي، ها پر اليڪشن ويجهو ايندي انهن رئيسن جا نخرا ختم ٿي ويندا آهن، جن جا آثار هاڻي کان ئي نظر اچن پيا.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *