Thursday , March 28 2024

بيورو ڪريسي آڏو بيوس آهيون، ڪڻڪ ۽ کنڊ جو بحران به ان بيوسي سبب آيو: وزيراعظم جو خاص معاون نديم افضل چن

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وزيراعظم عمران خان جي خاص معاون نديم افضل چن چيو آهي ته، حڪومت بيوروڪريسي جي آڏو بيوس ۽ لاچار بڻيل آهي، انڪري ڪا ڪارروائي به نه ٿي سگهندي، هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي نديم افضل چن چيو ته، “بيوروڪريسي ڪڻڪ ۽ کنڊ جا غلط انگ اکر پيش ڪيا، جنهن کانپوءِ معاملو ڪابينا ۾ ويو، جنهن ڪڻڪ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني”، نديم افضل چن هڪ سوال جي جواب ۾ اهو به چيو ته، بيوروڪريسي پاران غلط انگ اکر پڇيش ڪرڻ واري معاملي تي جاچ نه ٿي ڪرائي سگهي، ان جو ڪارفڻ هڪڙو ئي آهي ته اسان ڪمزور آهيون، ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون، ان جا ذميوار اسان سڀ سياستدان آهيون، پر هن وقت صورتحال ماضي کان وڌيڪ خراب آهي.”

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار تحريڪ انصاف جا خاموش حمايتي ايم پي ايز

سنڌ جي ٻيٽن تي مالڪي! پي ٽي آءِ ايم پي اي شهريار خان شر پارٽي کي پاسي رکي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان بيهي رهيو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *