Friday , March 29 2024

بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ سزا آيل سعود عزيز ۽ خرم شهزاد ضمانت تي آزاد ٿي ويا

لاهور(سنڌسماءَچار نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ پاران شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ ضمانتون منظور ٿيڻ بعد کين اڊيالا جيل راولپنڊي مان آزاد ڪيو ويو آهي، ٻنهي ڄڻن کي سخت سيڪيورٽي هيٺ جيل کان سندن گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو.لاهور هاءِ ڪورٽاڳوڻي ڊي آءِ جي سعود عزيز ۽ اڳوڻي ايس پي خرم شهزاد جون ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. دهشتگرديءَ جي انت واري راولپنڊيءَ جي خاص عدالت مان سزا مليل ٻنهي پوليس آفيسرن پنهنجي وڪيلن معرفت لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بينچ ۾ ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون هيون، جڏهن ته پيپلز پارٽي گذريل شنوائيءَ تي ڪيس ۾ ڌُر بڻجڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي منظور ڪيو ويو هو. جسٽس طارق عباسي ۽ جسٽس حبيب الله عامر تي ٻڌل ڊويزن بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران پوليس آفيسرن جي وڪيل دليل ڏيندي مؤقف اختيار ڪيو ته خرم شهزاد مٿان واقعي واري هنڌ کي ڌوئڻ جو الزام آهي، جڏهن ته ايس پي خرم شهزاد واقعي واري هنڌ تان سموريون شاهديون گڏ ڪيون هيون جنهن بعد ان جاءِ کي ڌوتو ويو. باڪس سيڪيورٽي جي ذميداري ايليٽ انسپيڪٽر عظمت ڊوگر جي هئي، جنهن کان جاچ نه ڪئي وئي.

وڪيل چيو ته سي پي او سعود عزيز پڻ پنهنجا فرض ذميواري سان نڀايا ۽ ڪنهن به طرح ان سازش جو حصو نه رهيو، تنهنڪري سندن ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي. جنهن دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان جي ڳالهه مڃي وٺجي تڏهن به حڪم خرم شهزاد ڏنو هو. جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت حقيقتن کي نظرانداز ڪيو آهي. پ پ جي وڪيل سردار لطيف کوسا ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته بينظير ڀٽو کان علاوه لياقت باغ سانحي جي شهيدن جي آٽوپسي ڪئي وئي، سازش جي الزام ۾ گرفتار 4 جوابدارن کي عدالت بري ڪيو. گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن جي رپورٽ ۾ به لکيل آهي ته ڪرائيم سين اگر 2 ڏينهن بعد ڌوتو وڃي ها ته شايد ڪجهه وڌيڪ شاهديون ملي وڃن ها. پوليس آفيسرن کي رڳو شڪ جي بنياد تي سزائون ڏنيون ويون، جڏهن ته ٻين قلمن تحت کين سزا ناهي ڏني وئي. هن چيو ته ڄاڻايل پوليس آفيسرن کي ملڪ جي ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻجندڙ عظيم سياسي اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث هجڻ تي موت جي سزا ڏني وڃي ۽ سندن ضمانتون ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ڪيون وڃن. فاضل عدالت تقريبن پوڻا ٻه ڪلاڪ جاري رهندڙ دليل ٻُڌڻ بعد ضمانتون منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته 2-2 لک رپين جا مچلڪا داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *