Friday , March 29 2024

بينظير ڀٽو جي شهادت کي 10 سال گذري ويا،آصف زرداري قاتلن بابت جيالن کي اڃا نه ٻڌايو

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بينظير ڀٽو جي شهادت کي 10 سال گذري ويا، اڄ سندس ورسي ملهائي پئي وڃي، سڄي ملڪ مان جيالن جا قافلا ڳڙهي خدابخش پهچي رهيا آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري علي زرداري پ پ جي جيالن کي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته، کيس شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن جي خبر آهي جن بابت هُو ضرور ٻڌائيندو پر، 10 سال گذرڻ باوجود آصف زرداري قاتلن بابت ناهي ٻڌايو.

شهيد بينظير ڀٽو جي 10 هين ورسي سڀاڻي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي ويندي، ورسي جو موقعي  سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه، رحمان ملڪ، شيري رحمان وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ ڳڙهي خدابخش پهچي ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. شهيد بينظير ڀٽو جي 10 هين ورسي جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي کان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو تائين روڊ رستن تي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن. هوڏانهن مختلف شهرن کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلا  محترم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، مخالف ڌر جو اڳواڻ خورشيد شاهه، رحمان ملڪ، شيري رحمان، نويد قمر، سردار لطيف کوسا. نيئر بخاري،  وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ ڳڙهي خدابخش پهچي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *