Friday , March 29 2024

بينظير جي ٻه ڀيرا حڪومت ختم ٿي پر منهنجي حڪومت ختم نه ڪري سگهيا: آصف زرداري

ڪشمور( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ”اسان کي جيترو بُرو چوندؤ،اسان اوترو مضبوط ٿي اقتدار ۾ اينداسين، اسٽيبلشمينٽ ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سان سٺو رويو نه رکيو آهي، شهيد بينظير جي حڪومت ته ٻه ڀيرا ختم ڪئي وئي منهنجي حڪومت ختم نه ڪري سگهيا ۽ پنج سال پورا ڪيم“ اهو چوڻ آهي اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو، آصف زرداري ڪشمور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان چاهيون ٿا توهان رهو پر جيڪو توهان مُلن کي پالي ملڪ سان مذاق ڪيو آهي، اُهي نٿا چاهين ته توهان رهو، اسان چاهيون ٿا توهان جو ادارو رهي، پر توهان سياسي ادارن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهيو ته ڇا ٿو سمجهائي سگهان. آصف زرداري چيو ته توهان ۾ عقل ناهي ۽ منهنجي ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهي، ڪوئلي ۾ پارٽنرشپ عوام ۽ سنڌ حڪومت کي ڏني. هن چيو ته، منهنجي پارٽنرشپ نه آهي، عوام جي معاملن ۾ ٽنگ اَڙائڻ جو ڌنڌو توهان جو آهي، اسان جو ناهي. هن ملڪ ۾ جنهن به ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو، اسٽيبلشمينٽ اُن سان سٺو رويو نه رکيو آهي. توهان کي رڳو بينڊ باجو وڄائڻو آهي ته وڄائيندا رهو اسان ڇا ٿا ڪري يا چئي سگهون. آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، اُن سان منهنجي ووٽرز تي ڪوبه اثر نه پوندو ته اوهان مونکي ڪيترو ۽ ڪيئن ٿا برو ڀلو چئو. خطاب دوران آصف زرداري چيو ته مون ته ضمانت وقت ئي پاسپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيو هو، مون کي ٻاهر وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي جو اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪيو ويو. آصف زرداري چيو ته هي حڪومت نٿا ڪري سگهن، شهيد بينظير جي حڪومت ٻه ڀيرا ختم ڪئي وئي پر مون کين پنج سال حڪومت ڪري ڏيکاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *