Wednesday , April 24 2024

بينظيرڀٽو قتل ڪيس جي فيصلي خلاف آصف زرداري خلاف اپيل ڪندو: سردار لطيف کوسا

Asif Zardari 02Latif khosa PPP

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، لطيف کوسا، چوڌري منظور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ ميڊِيا کي بريفنگ ڏيندي پنجاب جي اڳوڻي گورنرسردارلطيف کوسو چيو ته آصف اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران آيل فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. لطيف کوسي چيو ته اجلاس ۾ اهو به طئه ڪيو ويو آهي ته، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف اپيل آصف علي زرداري پاران شهيد بينظير ڀٽو جي شرعي  وارث جي حيثيت ۾ داخل ڪراچي ويندي. راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي پنجن جوابدارن کي باعزت بري/آزاد ڪرڻ خلاف ۽ پوليس آفيسرز کي گهٽ سزا ڏيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *