Thursday , March 28 2024

بهاولپور: احمدپور شرقيا ۾ آئل ٽئنڪر سانحو، سرائڪي ديس ۽ سنڌ جو حال ساڳيو،152 ماڻهو سڙي مري ويا

bhawaplur 02

بهاولپور جي علائقي احمد پور شرقيه ۾ آئل ٽينڪر کي باهه لڳڻ جو المناڪ سانحي ۾ 152 انسان سڙي فوت ۽ 117 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، انگ وڌڻ جو خدشو. ڏکڻ پنجا جي سرائڪي ديس  عيد کان اڳ پيش آيل هن دردناڪ سانحي ۾ 15 ٻارن سميت ڪيتريون ئي عورتون به سڙي ڪوئلو ٿي ويون، واقعي واري هنڌ موجود 75 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ۽ ٻيون گاڏيون به باهه جي نذر ٿي ويون، هر طرف قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي، 70 کان وڌيڪ زخمين جي حالت نازڪ، امدادي سرگرمين لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو، فوجي هيليڪاپٽرن ذريعي ڪيترن ئي زخمين کي بهاولپور ۽ ملتان جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.

آچر ڏينهن صبح جو اٽڪل پوڻين ڇهين وڳي ڌاري ڏکڻ پنجاب جي ضلعي بهاولپور جي علائقي احمد پور شرقيه کان اٽڪل 8 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪراچي کان لاهور ايندڙ آئل ٽينڪر تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي ويو ۽ ڀرسان موجود ٻنين ۾ وڃي ڪريو.ٽئنڪر جي ڪلٽي ٿيڻ کانپوءِ آئل ٽينڪر مان تيل وهڻ شروع ٿي ويو، جنهن ڪري ڀرپاسي جا سوين ماڻهو تيل کڻڻ لاءِ پهچي ويا، انهن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هيون، ڪيترائي ماڻهو پلاسٽڪ جا ڊرم، بوتلون، ٿانو، بالٽيون ۽ پاڻي وارا ڪولر به کڻي آيا ۽ تيل ڀرڻ شروع ڪيو، پوليس اهلڪار ۽ ٽينڪر وارا ماڻهن کي روڪيندا رهيا پر اهي نه مڙيا. ماڻهن جي هجوم پاران ٽئنڪر مان هارجي پيل تيل گڏ ڪرڻ دوران اوچتو ٽينڪر ۾ ڌماڪو ٿيو ۽ باهه لڳي وئي.

باهه ايترو تيزي سان ڀڙڪي جو سڀني کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، 50 ماڻهو ته فوري طور تي سڙي ويا، جڏهن ته ڀرپاسي ۾ موجود ٻين ماڻهن کي به باهه پنهنجي لپيٽ ۾ آندو، ڪجهه ماڻهو موٽرسائيڪلن تي ويٺل هئا جن کي هيٺ لهڻ جو به موقعو نه مليو، پنهنجن موٽرسائيڪلن سميت سڙي فوت ٿي ويا، قومي شاهراهه تي موجود گاڏيون ۽ ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون به باهه ۾ سڙي ويون، امدادي ڪارروايون دير سان شروع ٿيڻ سبب وڏو نقصان ٿي ويو، دردناڪ سانحي بعد فائربرگيڊ، پوليس ۽ حڪومت جي ٻين ادارن کي مدد لاءِ طلب ڪيو ويو،  متاثرن موجب فائربرگيڊ گاڏيون دير سان پهتيون، احمد پور شرقيه جي اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ سبب زخمين کي بهاولپور ۽ ملتان منتقل ڪيو ويو، پنجاب حڪومت هنگامي صورتحال لاڳو ڪري فوج کان مدد طلب ڪئي.

bbahawalpur tanker 4

جنهن کانپوءِ فوجي هيليڪاپٽرن ذريعي زخمين کي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، فوجي اهلڪار امدادي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويا، واقعي واري هنڌ تي اٽڪل 127 ماڻهو سڙي فوت ۽ 142 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان 25 زخمي اسپتال نيئڻ دوران فوت ٿي ويا ۽ اهڙي طرح فوتين جو تعداد وڌي 152 ٿي ويو، 117 کان وڌيڪ زخمين مان 40 زخمين جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، 70 کان وڌيڪ زخمين جو جسم 80 سيڪڙو تائين سڙي ويو آهي.

اسپتال ۽ مقامي انتظاميا موجب فوت ٿيل اڪثر ماڻهن جا لاش سڃاڻپ لائق ناهن، جنهن ڪري انهن جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي، 57 زخمين کي سي ايم ايڇ ملتان جي برنس سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 28 زخمي نشتر اسپتال لاهور ۾ علاج هيٺ آهن، ڪجهه زخمي رحيم يار خان ۽ فيصل آباد به منتقل ڪيا ويا آهن، ان دردناڪ سانحي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ ڀرپاسي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ پهچي ويا، جڏهن ته فائربرگيڊ عملي به پهچي باهه کي وسايو، باهه ايتري تيز هئي جو ان جا شعلا پري پري تائين نظر آيا.

ڏينهن ڏٺي جو انسان سرعام باهه ۾ سڙي رهيا هئا ۽ علائقي ۾ قيامت صغريٰ جا منظر نظر اچي رهيا هئا، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ کانپوءِ جڏهن تيل وهڻ شروع ٿيو ته اهو ٻنين ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تائين پکڙجي ويو، ان کانپوءِ ڀرپاسي جا ماڻهو پلاسٽڪ جي بوتلن، ٿانون ۽ واٽر ڪولرن ۾ تيل ڀري رهيا هئا ته ٿوري دير کانپوءِ آئل ٽينڪر ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ فوري طور تي علائقي ۾ باهه ڀڙڪي اٿي.

bbahawalpur tanker 5

واقعي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد سليم افضل اهو به ٻڌايو ته ماڻهن کي تيل کڻڻ کان منع ڪيو پئي ويو، آئل ٽينڪر جي ڊرائيور ۽ ڪلينر به ماڻهن کي چيو ته هتان پري ٿي وڃو پر ماڻهو نه مڙيا، جنهن ڪري اهو سانحو پيش آيو، ڊپٽي ڪمشنر رانا محمد سليم افضل ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ امدادي سرگرمين لاءِ فوج کان به مدد گهري وئي، هوڏانهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميا کي مڪمل تعاون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر واقعي واري هنڌ پهتا، جن ۾ لاش ۽ زخمي منتقل ڪيا ويا.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *