Thursday , March 28 2024

بلوچستان ۾ دهشتگردي، چمن ۾ ڌماڪو، جي يو آءِ اڳواڻ سميت 3 ڄڻا شهيد

بلوچستان ۾ دهشتگردي، چمن ۾ ڌماڪو، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا محمد يوسف سميت 3 ڄڻا شهيد، فضل الرحمان پاران اڄ بلوچستان ۾ شٽربدن هڙتال جو اعلان

چمن (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان ۾ هڪ ڀيرو وري دهشتگردن جو وار، چمن ۾ بم ڌماڪو، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا محمد يوسف سميت ٽن ڄڻا شهيد، 17 ڄڻا ڦٽجي پيا، 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب ڪوئيٽا منتقل. چمن جي تاج روڊ تي بم ڌماڪي ۾ جي يو آءِ  جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد يوسف سميت جي يوو آءِ جا 3 ڪارڪن شهيد ٿي ويا، مولانا فضل الرحمان پاران اڄ بلوچستان ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان، ڌماڪي جي نتيجي ۾ سترنهن ڄڻا ڦٽجي پيا، زخمين کي چمن جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته، جي يو آءِ ف اڳواڻ مولانا محمد حنيف پنهنجي آفيس مان نڪري رهيو هو ته ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا محمد حنيف سوڌو 17 ڄڻا ڦٽجي پيا، جن کي اسپتال نيون پئي ويو ته، مولانا محمد يوسف رستي ۾ ئي دم ڏنو، جنهن جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر تصديق ڪئي، ڌماڪي جي نتيجي 2 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا. پوليس موجب ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ امدادي ڪارروائين ذريعي مارجي ويلن جا لاش توڙي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو پري پري تائين آواز ٻڌو ويو، ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ هڪ گاڏي کي باهه لڳي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو موٽر سائيڪل ۾ نصب بم ذريعي ڪيو ويو، جيڪا مولانا محمد حنيف جي آفيس ٻاهران بيٺل هئا.

جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چمن ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت هميشه اهو چوندي رهي آهي ته دهشتگردن کي مڪمل شڪست ڏئي ڇڏي آحي ۽ ملڪ مان دهشتگردن جي پاڙ پٽي وئي آهي، هن چيو ته چمن واقعو حڪومت جي اهڙين کوکلين دعوائن جا پول، پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. فضل الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته، مولانا محمد يوسف جو قتل اسان کي پنه جي دڳ تان هٽائي نه ٿو سگهي ۽ اسان کي دهشتگرد واقعن سان ڊيڄاري نه ٿو سگهجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ آچر ڏينهن سڄي بلوچستان ۾ شٽربند هڙڦتال ڪري پرامن احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *