Friday , March 29 2024

بلاول ۽ مريم نواز جي سڀاڻي ملاقات، هدايت ڪنهن جي ۽ پيغام ڪهڙا؟؟

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ويجهڙائي وڌڻ لڳي، سياسي اتحاد ڪرڻ لاءِ نون ليگ ۽ پ پ پ وچ ۾ رابطا تيز ٿي ويا آهن، نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سڀاڻي اهم ملاقات رائيونڊ ۾ ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات آصف زرداري ۽ نواز شريف جي هدايتن تي ٿي رهي آهي، مريم نواز ۽ بلاول جي نويڪلائي ۾ ملاقات دوران نواز ۽ آصف جي پيغامن جي ڏي وٺ به ٿيندي. نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز بلاول ڀٽو سان اڄ فون ڪري آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مريم نواز بلاول ڀٽو زرداري کي سڀاڻي مانجهاندي جي دعوت ڏني، جيڪا بلاول قبول ڪري ورتي آهي. بلاول ڀٽو سڀاڻي سينئر پارٽي اڳواڻن سان گڏ سڀاڻي رائيونڊ ويندو، جتي ٻنهي پارٽين جي سينئر اڳواڻن جي ملاقات ٿيندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ۽ مريم جي اڳواڻي ۾ ٻنهي پارٽين جي وفدن جي ملاقات کانپوءِ کي مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي نويڪلائي ۾ به ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ حڪومت مخالف تحريڪ سميت ٻنهي پارٽين وچ ۾ وڌيڪ سياسي هم آهنگي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، ذريع اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، جيل ۾ قيد اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي پيغامن جي به ڏي وٺ ٿيندي.

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران پ پ ۽ نواز ليگ جي مرڪزي قيادت جي گرفتاري کانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته مريم نواز بلاول ڀٽو زرداري کي رائيونڊ دوري جي دعوت ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي منجهند جو رائيونڊ پهچندو. اُن موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جا ويجها ساٿي ۽ پارٽي اڳواڻ به موجود هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *