Wednesday , April 24 2024

بلاول ڀٽو زرداري منهنجو ٻَچو آهي، کيس سمجهائڻ ٿو چاهيان: شاهه محمود قريشي

بلاول ڀٽو زرداري کي سندس ننڍ پڻ کان سڃاڻان ٿو

ڪراچي/ملتان (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته، بلاول ڀٽو زرداري منهنجو ٻَچو آهي، کيس ننڍڙي لاڪون سڃاڻان ٿو، انڪري آءُ هن کي سمجهائڻ چاهيان ٿو، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته مان هن کي سندس ننڍپڻ کان سڃاڻا ٿو، کيس سمجهائڻ چاهيان ٿو ته پيپلز پارٽي مان وفاق جي خوشبو ايندي آهي، انڪري صوبائيت جي ڳالهه ڪري سنڌ ڪارڊ نه جي سياست نه ڪرڻ بدران  پر پاڪستان جي ڳالهه ڪئي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته هندستان ڪورونا جي آڙ ۾ پنهنجا عزم پورا ڪري رهيو آهي، ڀارت جي ڪوشش آهي ته ڪشمير کي مسلم اقليت رياست ۾ تبديل ڪيو وڃي . شاهه محمود قريشي چيو ته آر ايس ايس چوي ٿي ته هندستان کي ڪورونا جهاد کان پاڪ ڪرڻو آهي، هندستان ۾ ڪرونا پکڙجڻ جو ذميوار مسلمانن کي قرار ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ پيڪيج ڏئي رهيو آهي، هارين کي ڀاڻ جي قيمتن ۾ به رليف پيڪيج ڏنو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ امن معاهدو تمام وڏي اڳڀرائي هئي، هو ڪابل ۽ ننگرهار ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪري ٿو . پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن صوبا سيلف ڪورنٽائين جي اجازت ڏين ته وڌيڪ پاڪستانين کي ڏيهه آڻي سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *