Saturday , April 20 2024

بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي تي حملو ڪيس، جوابدار آجا

بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي تي حملو ڪيس، جوابدار آجا، بلاول تي 2018 جي عام چونڊن جي مهم دوران لياري ۾ حملو ٿيو هو

ڪراچي (ڪورٽ رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي لياري ۾ حملو ڪندڙ سمورن جوابدارن کي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلاول ڀٽو جي قافلي تي حملي واري ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع جي چونڊن جي موقعي تي مهم دوران بلاول ڀٽو جي قاتلي تي ٿيل حملي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. عدالت پي ايس 207 تي متحده اُميدوار سوڌو ٻين جوابدارن کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. پ پ چيئرمين جي قافلي تي حملي جو ڪيس ڪلري ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو. جنهن ۾ متحده اُميدوار رفيق هڱورو سوڌو ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو. جوابدارن تي فساد، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ چڙهايون ڪرڻ جا قلم لاڳو ٿيل هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *