Friday , March 29 2024

بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌو ديش جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن: شاهه محمود قريشي

بلاول سنڌو ديش جون ڳاللهيون نه ڪري وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته، فروغ نسيم جي واري آرٽيڪل 149 (4) بيان کانپوءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ ديش جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها، قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته، وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان ڪا به ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندي، بلاول ڀٽي زرداري کي دٻاءُ ۾ اچي سنڌو ديش جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. سنڌ جي ڪردار کي سڀ تسليم ڪن ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هو سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي ٻڌائڻ گهري ٿو ته توهان جي ذهن ۾ ڪابه ڳڻتي نه هجڻ گهرجي، سنڌ جي ماضي واري ڪردار کي سڀ تسليم ڪن ٿا ۽ اسان صوبائي خودمختياري تي ڪابه رهنڊ اچڻ نه ڏينداسين.

شاهه محمود قريشي چيو ته فروغ نسيم پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. سنجيدگي ۽ ديانتداري سان بلاول کي چوان ٿو ته ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي سنڌو ديش جون ڳالهيون نه ڪري، پيپلز پارٽي وفاق جي ڳالهه ڪندي آهي، پارٽي جي چيئرمين بلاول طرفان سنڌ ڪارڊ جون ڳالهيون ڪرڻ مناسب نه آهي. وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان ڪابه ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جو نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، اُهو هڪ خطرناڪ بحث ڇيڙيو ويو آهي. هُن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي نيت ۾ ڪا ٻي ڳالهه آهي ته واضح ٻڌائي، باقي ڪچري تي سياست ناهي ٿيندي، ڪچري سان به پنجاب جو لاهو به ڀريو پيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار سِڌي ڳالهه ڪري، باقي ڪچري ۽ آرٽيڪل 149 جا بهانا نه ڪري.

آرٽيڪل 149(4) لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش، سنڌي قوم جو ڀرپور جواب، وفاقي حڪومت وضاحتن ۾ پئجي وئي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *