Saturday , April 20 2024

بلاول هائوس ويجهو احتجاج ڇو ٿا ڪيو، پوليس آبادگارن تي ڪڙڪي پئي، عورتون به تشدد ۾ متاثر

ڪراچي ( چيف رپورٽر  سنڌ سماءَ چار ) ڪراچي ۾ ڪمند جي طئي ٿيل اگهه تي عمل نه ٿيڻ ۽ شگر ملز پاران پيڙائي شروع نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي پوليس ڪڙڪي لٺبازي ڪري ڏني، جنهن دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس چڪرين دوران 3 عورتن سميت گرفتار ڪيل 95 کان وڌيڪ آبادگارن کي گهرو وزير جي مداخلت بعد آزاد ڪيو ويو، آبادگار اڳواڻ علي پلهه جو چوڻ آهي ته، سنڌ حڪومت پر امن احتجاج تي لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪري آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي،سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي.

ڪمند جي طئي ٿيل اگهن تي عمل نه ٿيڻ ۽ شگر ملز پاران پيڙائي شروع نه ڪرڻ خلاف آبادگارن علي پلهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.احتجاج ڪندڙ آبادگارن سان ڪين ڪمشنر آغا ظهيرالدين ڳالهيون ڪيون جيڪي ناڪام ٿيڻ بعد پوليس مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڏنو. احتجاج ڪندڙ آبادگارن بوٽ بيسن کان بلاول هائوس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪي ورتو، جنهن دوران آبادگارن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. پوليس آبادگارن کي روڪڻ لاءِ لٺبازي ڪري شيلنگ ڪئي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، جنهن ڪري علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جنهن دوران احتجاج ۾ شريڪ ڪيتريون ئي عورتون به پوليس جي تشدد سبب متاثر ٿيون. پوليس احتجاج ڪندڙ آبادگار اڳواڻ علي پلهه سميت 70 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو.

آبادگار اڳواڻن عبدالمجيد نظاماڻي ذوالفقار يوسفاڻي ۽ ٻين آبادگار اڳواڻن مظاهرين تي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران مٿن تشدد تي لهي آئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته آبادگارن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *