Friday , March 29 2024

بلاول سينيٽ چونڊن بابت پارٽي اڳواڻن کي تبصرن کان روڪي ڇڏيو

منهنجي سنڌ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اوهان کي اسان جا 51 ميمبر ڦيرائڻا پوندا، ڀلي شوق پورو ڪري ڏسو

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي سينيٽ جي چونڊن ۽ ان دوران ووٽ نه ملڻ واري معاملي تي ڪو به تبصرو نه ڪن. بلاول ڀٽو زرداري آچر رات دير سان جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان، پ پ جي سمورن اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ ۾ ڳجهي ووٽ دوران 4 ووٽ مخالفت ۾ پوڻ واري معاملي تي ميڊيا تي ڪو به تبصرو يا راءِ نه ڏين. بلاول چيو ته، پارٽي پاران ووٽن جي نه پوڻ واري معاملي تي فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا معاملي جي جاچ ڪندي ۽ ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ان کان اڳ هن معاملي تي ڪو به تبصرو يا راءِ نه ڏني وڃي.

ان کان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت ڊاهڻ وارن کي چئلينج ڪندي چيو ته 2007 کان وٺي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ڪيرائڻ جي خواهش رکندڙ ختم ٿي ويا، هاڻي به جن کي شوق آهي اُهي پنهنجو شوق پورو ڪري ڏسن، پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته، سنڌ حڪومت ڊاهڻ لاءِ اوهان کي منهنجا 51 ووٽ کارڻا پوندا، اهو ياد رکو جيڪڏهن سنڌ حڪومت خلاف ڪا به سازش ٿي ته اسان ٻيهر چونڊن ۾ وينداسين ۽ صوبائي اسيمبلي جون سموريون سيٽون پيپلز پارٽي کٽيندي.

سنڌ ڪابينا ۾ واڌ، ناصر شاهه، سهيل انور سيال، باري پتافي وزير، نثار کهڙو صلاحڪار ٿيندو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *