Saturday , April 20 2024

لاڙڪاڻي ۾ جيڪي ماڻهو بلاول تي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن،انهن کي سندس حڪومت ڪهڙو پاڻي پياري رهي آهي؟:سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته بلاول اسان جي ٻچن جيان آهي، خواهش هئي ته بلاول به عدالت ۾ اچي پاڻي بابت هيءَ رپورٽ ڏسي ها ته، جيڪي ماڻهو مٿس جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن، لاڙڪاڻي ۾ انهن کي سندس حڪومت ڪهڙو پاڻي پياري رهي آهي، ماڻهن کي صاف پاڻي نه ملندو ۽ هر هفتي ڪراچي اچڻو پيو ته ايندس ۽ وڏي وزير کي عدالت ۾ گهرائيندا رهنداسين. چيف جسٽس وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سان گڏ مٺي هلڻ لاءِ تيار آهيون، اتان جي پاڻيءَ جو هڪ هڪ گلاس اسان به پيئون، مان ته پي ويندس پر شاهه صاحب ڇا اوهان اهو هڪ گلاس پاڻي جو پئندا؟

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ جسٽس فيصل عرب تي مشتمل بئنچ، سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت، نامياري قانوندان شهاب اوستو جي داخل ڪيل آئيني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، صحت کاتي، گهرو کاتي، آبپاشي ۽ ٻين کاتن جا سيڪريٽريز ۽ عملدار به عدالت ۾ موجود هئا.

لاڙڪاڻي جي ٻن مختلف علائقن جا منظر (سنڌسماءَچار)                

ٻڌڻي دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف جسٽس سان مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان جي حڪمن اسان کي ٻـَڌِي (سوگهو) ڇڏيو آهي، آفيسرز جي بدلي به نٿا ڪري سگهون. پنجاب جي پاڻي ۾ 70 کان 80 سيڪڙو سينکيو موجود آهي، لڳي ٿو ته اوهان اسان کي سنگل آئوٽ ڪري رهيا آهيو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته، ايگزيڪيوٽو ذميواريون نه نڀائيندو ته عدالت کي مداخلت ڪرڻي پوندي، متڀيد جي شڪايت انهن صوبن کي ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان هنن بدران توهان جي رهنمائي پيا ڪريون. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس ميان ثاقب نثار جملن ۽ سوالن جوابن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي، ان دوران ڪجهه موقعن تي دلچسپ جملا ۽ مڪالمن جي به ڏي وٺ ٿي. چيف جسٽس ثاقب نثار وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته، وزيراعليٰ صاحب هن ڪيس کي عداوت واري انداز ۾ نه وٺجو، توهان کي عزت ۽ احترام سان گهرايو آهي، اسان جومقصد رڳو اهو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي گدلي پاڻيءَ کان ڇوٽڪارو ڏياريون، يقين ڪيو ته هيءَ حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. توهان چوندئو ته هاڻي ئي مٺي هلي اتان جي واهه مان هڪ گلاس پاڻيءَ جو توهان ۽ هڪ گلاس آئون پيئندس.

چيف جسٽس چيو ته، خواهش هئي ته اڄ بلاول ڀٽو زرداري به اڄ موجود هجي ها، جيئن هُو به گدلي پاڻيءَ جي فراهمي بابت هيءَ اسان سان گڏجي ڊاڪيومينٽري ڏسي ها. چيف جسٽس چيو ته هي ڊاڪيومينٽري ڏسڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري کي به اندازو ٿئي ها ته، لاڙڪاڻي جا ماڻهو جيڪي مٿس جان قربان ڪرڻ چاهيندا آهن، انهن کي سندس حڪومت ڪهڙو پاڻي پياري رهي آهي. چيف جسٽس وڏي وزير کان سوال ڪيو ته، سنڌو درياهه جو ڪيترو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ٿو، توهان اهو پاڻي ڪراچي واسين لاءِ استعمال ڇو نه پيا ڪريو؟. جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جواب ڏيندي چيو ته، سنڌو درياهه ۾ گهٽ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، پاڻيءَ جي کوٽ سبب بدين ۽ ٺٽو تباهه ٿي رهيا آهن، سمنڊ اڳتي وڌندو پيو اچي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ميان ثاقب نٿار وڏي وزير کان سوال ڪيو ته، هاڻي اوهان اسان کي مسئلي جو حل ٻڌايو، هفتي، 10 ڏينهن يا ڪيتري عرصي ۾ مسئلو حل ٿيندو؛ گڏجي ڪم ڪنداسين ته 6 مهينن ۾ حل ٿي ويندو. جنهن جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته، هي مسئلو 6 مهينن ۾ حل نه ٿيندو، وسيلن جي به کوٽ آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار به سهڪار نه پئي ڪري. ان تي چيف جسٽس چيو ته،ڇا اسان کي خبر نه آهي ته رشتيدارن کي ٺيڪا ڏنا وڃن ٿا؟، پر اسان انهن چڪرن ۾ پوڻ نه ٿا چاهيون، پر مسئلي جو حل به چاهيون ٿا. مراد علي شاهه چيو ته، آئون توهان کي عمل ڪرڻ جوڳو پلان ٺاهي ڏيندس، يقين ڏياريان ٿو ته توهان کي ڪم نظر ايندو، ٿورڙي مهلت کپي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، پاڻي بابت جيڪا ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي اها پٽيشنر تيار ڪرائي آهي، اسان کي به ڊاڪيومينٽري ڏيکارڻ جو موقعو ڏيو. سنڌو درياهه ۾ ڪرندڙ گندو پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ ساڍا 3 ارب رپيا گهربل آهن، وسيلن جي کوٽ آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ڪميٽيز ٺهن ٿيون انهن جا ميمبر ۽ سربراهه ڪنهن ڪنهن جا مائٽ آهن اها به خبر آهي. ڪميٽي ٺاهي معاملو ان تي نه ڇڏي ڏيندا ڪريو، آئون وڌيڪ ڪجهه چوڻ نه ٿو چاهيان.

چيف جسٽس جي رمارڪس تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، چيف جسٽس صاحب توهان سڀ ڪجهه چئي به ڏيو ٿا ۽ پوءِ به چئو ٿا ته چوڻ نه ٿو چاهيان، جنهن تي عدالتي ڪمري ۾ ويٺل وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. وڏي وزير چيو ته، ٻين صوبن ۾ به اهڙا مسئلا آهن جيڪڏهن اجازت ڏيو ته بيان ڪريان. جنهن جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته، وزيراعليٰ صاحب توهان به نه چوندي اهو چئي ڇڏيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته، جيڪڏهن توهان انهن مسئلن جي حل لاءِ اسان جا ڪلها استعمال ڪيو، اسان جا ڪلها ڏاڍا مضبوط آهن هاڻي اعتراف پيا ڪريو، ڪيڏي شرمندگي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن تي به ذميواري نه وڌي وئي، شاهه صاحب توهان ڪنهن جي خلاف ڪو ايڪشن ڪيو.

جيستائين صاف پاڻي جي فراهمي ۽ سمنڊ اندر گدلاڻ ختم نه ڪندا تيستائين توهان کي گهرائيندا رهنداسين. ان موقعي تي وڏي وزير ڍيو ته، اسان به عوام جي ووٽ سان چونڊيل آهيون جيڪي مضبوط ڪلها آهن، هن اعتراف ڪيو ته نساسڪ عمل ڪرڻ جوڳو منصوبو نه هو ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس بابت ميڊيا ۾ غلط تاثر ڏنو پيو وڃي، اڪثر ٽريٽمينٽ پلانٽس فعال آهن. جنهن تي جسٽس فيصل عرب رمارڪس ڏيندي چيو ته، توهان پنهنجيون ڪاميابيون پريس ڪانفرنس ۾ بيان ڪجو، اسان کي ٻڌايو ته شهرين کي صاف پاڻي ڇو نه پيو ملي.

چيف جسٽس وڏي وزير کان سوال ڪيو ته، وزيراعليٰ صاحب، توهان ڪٿي رهندا آهيو، گهر ۾ يا سي ايم هائوس ۾؟ جنهن تي وڏي وزير چيو ته، آئون ڪنٽونمينٽ ايريا ۾ رهندو آهيان ۽ پاڻي ٽينڪر ذريعي اچي ٿو، چيف جسٽس پڇيو ته، اتي هڪڙو ٽينڪر ڪيترن پئسن ۾ اچي ٿو؟ چيف جسٽس جي ان سوال تي عدالتي ڪمري ۾ موجود ماڻهن وڏي آواز ۾ چيو ته 5 کان 8 هزار رپين ۾ هڪ ٽينڪر ايندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *