Friday , April 19 2024

برگيڊيئر رٽائرڊ اسد منير جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) برگيڊيئر رٽائرڊ اسد منير جو جو گهر مان پکي ۾ لڙڪيل لاش هٿ، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد منير نيب پاران ڪرپشن الزامن تي کيس باربار گهرايو ويندو هو جنهن کان هُو سخت پريشان هو. ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي اسلام آباد جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي ميمبر برگيڊيئر (ر) اسد منير جو سندس اسلام آباد واري گهر جي هڪ ڪمري مان لاش مليو آهي. ڊپلوميٽڪ ايوينيو ۾ رهندڙ اسد منير جي وارثن جو چوڻ آهي ته، اسد جو لاش  ڪمري جي پکي ۾ ڦاهو لڳل صورت ۾ مليو. اسد منير جي مبينا آپگهات بابت سندس خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته، اسد منير ڪجهه ڏينهن کان چوندو رهندو هو ته ” هي نيب وارا آخرڪار منهنجو پيڇو ڇو نه ٿا ڇڏين، اُهي آخرڪار الائي ڇا ٿا چاهين. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ بعد اسد منير آپگهات ڪيو آهي. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد منير ڪالهه کان ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي حوالي سان پريشان هو. اسد منير چوندو هو ته نيب وارا مس مس چُپ ٿي ويا هئا، هاڻ وري منهنجي پويان پئجي ويا آهن، نيٺ نيب وارا منهنجو پيڇو ڇو نٿا ڇڏين.

ان سلسلي ۾ اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسجد ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته، ابتدائي طور تي برگيڊيئر (ر) اسد منير جي موت جو آپگهات وارن سيڪشن تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پر وارثن پاران لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني ۽ انهن به ڪنهن قسم جو ڪو شڪ وغيره ناهي ڏيکاريو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *