Thursday , April 18 2024

برين ٽيومر؛ گمس اسپتال جي ڊاڪٽرز جي هڪ ٻي ڪاميابي

خيرپور (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمس ) اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر اهم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، ڊاڪٽرن گمس ۾ پهريون ڀيرو برين ٽيومر جو ڪامياب آڦريشڻ ڪري نوجوان ناري جي حياتي بچائي ورتي آهي. گمس اسپتال ۾ جي نيورو سرجن ڊاڪٽر امجد قريشي ۽ سندس ٽيم لاڙڪاڻي واسڻ 30 ورهين جي نوجوان ناري ريحانا جي دماغي ٽيومر جو ڪامياب آپريشن ڪري ان کي ڪڍي ناري جي حياتي بچائي ورتي آهي. گمس جي سرجن امجد قريشي موجب ناري جي برين ٽيومر سبب سندس ڪن ۽ اک جي وچ ۾ دماغ جون رڳون دٻجي ويون هيون، سرجن امجد موجب ٽيومر کي ڪجهه ڪلاڪن جي آپريشن دوران ڪاميابي سان ڪڍي ڇڏيو، ريحانا جي ڪامياب آپريشڻ کانپوءِ کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو آهي. گمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي موجب نجي اسپتال ۾ ان بيماري جي صرف آپريشن جا 40 کان 50 لک رپيا وصول ڪيا ويندا آهن، جيڪو گمس ۾ مفت ڪيو ويو آهي، هاڻي مستقبل ۾ به اهڙي نوعيت جا آپريشن ڪيا ويندا. ڊائريڪٽر گمس موجب ھي دماغ جي ٽيومر جو پھريون ڪامياب آپريشن ٿيو آهي جيڪو گمس لاءِ اعزاز آهي، آءُ پنهنجي سموري ٽيم خاص طور تي ٽيومر جو آپريشن ڪندڙ ٽيم واڌايون ڏيان ٿو ۽ اميد رکان ٿو ته اسپتال جي سمورن شعبن جا ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ان ئي جذبي سان ڪم ڪندو رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *