Wednesday , April 24 2024

بدين: 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو لاش هٿ

سامارو مان 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو ڪهاڙين جا وار ڪري قتل، لاش ٻسٽان شاخ مان هٿ ڪيو ويو آهي. نوجوان کي ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪري لاش لوڙهيو ويو. گٽڪي جو واپاري نوجوان سنيل ميگهواڙ 2 ڏينهن اڳ سامارو مان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو جنهن جو لاش ٻسٽان شاخ مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو.

 ٻسٽان شاخ جي داروغي عثمان ڪنڀار موري وٽ ڦاٿل لاش بابت ڪنري پوليس کي اطلاع ڏنو، ڪنري پوليس لاش ڪڍرائي تعلقي اسپتال ڪنري آندو، سڃاڻپ لاءِ ڪنري ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان ماڻهن جو وڏو انگ اسپتال پهتو، نامعلوم لاش ملڻ جي اطلاع تي سامارو مان گم ٿيل سنيل جا وارث به ڪنري اسپتال سڃاڻپ لاءِ پهتا، سنيل جي پيءُ وشنو مل، وڏي ڀاءُ انيل لاش جي ڪپڙن، اڳٺ ۽ گنجي مان سنيل جو لاش هجڻ جي تصديق ڪئي. پوليس پاران شاخ مان لاش ڪڍڻ وقت کيسي مان مليل سامان ۾ 8 گولين جا خول، 2 موٽر سائيڪل جون چاٻيون ۽ هڪ پين ملي. نوجوان جو لاش ملڻ ۽ سندس سڃاڻپ ٿيڻ بعد سندس برادري جي ماڻهن جو وڏو انگ تعلقي اسپتال ڪنري پهتا. وارثن جي مرضي سان لاش جو ڪنري تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايوويو.

ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته، مقتول کي ڳچي، منهن ۽ مٿي ۾ ڪهاڙين جا ڌڪ لڳل هئا ۽ ڪپڙن کي مٽي سان ڀري لاش کي ڳرو ڪيو ويو هو ته جيئن لاش جلدي مٿي نه اچي سگهي. علائقي ۾ چوٻول آهن ته، نوجوان کي قتل ڪري لاش شاخ ۾ لوڙهيو ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث لاش سامارو کڻائي ويا. جتي آخري رسمون ادا ڪيون ويون، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ماءُ پيءُ ۽ ڀينرن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، پاڙي ۾ به سوڳ سبب دڪان بند ٿي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *