Thursday , April 25 2024

بدين ۽ شهدادڪوٽ ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻيل

بدين/شهداد ڪوٽ (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بدي ۽ شهداد ڪوٽ ۾ شهرين گندگي، پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري انتظاميه خلاف اڌنعري بازي ڪئي، احتجاجي مظاهرن جي نتيجي ۾ ڪيتيي ئي وقت تائين ٽريفڪ به معطل ٿي وئي.

شھدادڪوٽ شهر جي مختلف علائقن ۾ گندگي خلاف سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وڪيل اختر جبار شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڪوٽو موٽو چوڪ تي مظاھرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽائون انتظاميه جي لاپرواهي سبب شھر جي مختلف علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳل آهن. ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ صفائي ڪرائي شھرين کي بيمارين کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ ميونسپل انتظاميه خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائينداسين.

بدين ۾ شهرين پاران ميونسپل ڪاميٽي جي چيف انسپيڪٽر جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  آهي. مرزا گروپ جي ڪائونسلر حنيف، غلام حسين سومرو، شاهد آفريدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي  مظاهرين چيو ته سندن شهر جي صفائي جو  ميونسپل ڪاميٽي چيف انسپيڪٽر  پپو خاصخيلي کي چيو ته هو، اسان مٿان ڪاوڙجي پيو، جنهن بعد هن اسان کي مٿن ڪيس داخل ڪرائڻ جو ڌمڪيون ڏنيون آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته  ميونسپل ڪاميٽي جي چيف خلاف نوٽيس وٺي، ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *