Friday , March 29 2024

بدين ڀرسان دردناڪ حادثو، هڪ مهيني جي ٻارڙي سميت 8 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا،40 ڦٽجي پيا

بدين (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) بدين ويجهو فتح پور واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوارن کي بچائيندي مسافر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 8 مسافر حياتيون وڃائي ويٺا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 4 ڄڻا ڦٽجي پيا آهن، زخمين جو سول اسپتال ۽ انڊس اسپتال بدين ۾ علاج هلندڙ آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زخمين جي حالت سنڌرندڙ آهي. بدين جي فتح پور واري علائقي ۾ عمرڪوٽ کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري دوران موٽرسائيڪل سوار کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي. بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ 45 کان وڌيڪ ڦٽجي ۽ ڌڪي ٿي پيا. علائقي واسين پن هنجي مدد پاڻ ۽ رستي تان گذرندڙ گاڏين ۾ سوار ماڻهن جي مدد سان زخمين کي ويجهو ئي انڊس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس ۽ ايڌي ايمبولينسز حادثي واري هنڌ پهتيون، جن جي ذريعي فوتين جا لاش ۽ وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ڪيو ويو.

انڊس ۽ سول اسپتال ۾ زخمين کي تڪڙي طبي امداد ڏئي سندن حياتيون بچايون ويون آهن. پوليس ۽ اسپتال جي عملي موجب فوتين ۾ مٺي شهر جو رهواسي پرڪاش، پنجاب جي ميانوالي واري علائقي جو رهواسي رمضان ولد شاھجان، بدين واسي عبدالله ميمڻ، ڪلوئي واسڻ مسمات زينب زال حاجي ھارون، پترت، بيو شيم ولد تيرت ۽ فوتين ۾ ھڪ مھيني جي معصوم ٻارڙي انيا ڌيءَ رضوان کٽي به شامل آهي. جڏهن ته هڪ وڌيڪ مسافر ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوت ٿيندڙن ۾ ڪوچ ڊرائيورپڻ شامل آھي، اسپتال عملي موجب زخمين جو انگ 39 آھي جن جو علاج هلندڙ آھي. پوليس ۽ اسپتال عملي کان مليل ڄاڻ مطابق زخمين ۾ خادم حسين، روي شنڪر، شريف، مشتاق، ڪئلاش، خالد احمد، پريت ڪمار ۽ مهيش سميت  عورتون  ۽  ٻار به شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *