Thursday , April 18 2024

بدين جي سامونڊي پٽي جو پاڻي به زهريلو، ماڻهو گيسٽرو ۾ وٺجي ويا، معصوم ٻار فوت

سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ سبب گندي پاڻي راتاها ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، بدين ۾ گندو پاڻي واپرائڻ جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ عورتون، ٻار ۽ مرد گيسٽرو جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن، گيسٽرو وگهي هڪ سال جي معصوم ٻارڙي به فوت ٿي وئي آهي.

بدين ضلعي خاص طور تي سامونڊي پٽي وارن علائقن جي جر جو پاڻي به صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويو آهي، اهڙو پاڻي واپرائڻ جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو گيسٽرو جي مرض ۾ وٺجي ويا آهن.

بدين جي سامونڊي پٽي ۾ هينڊ پمپ جو پاڻي پيئڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 48 ڄڻا گيسٽرو ۾ وٺجي ويا، ڳوٺ فضل جت ۾ هينڊ پمپ جو پاڻي پيئڻ سبب 48 عورتون، مرد ۽ ٻارڙا گيسٽرو سبب کين بدين جي انڊس سول اسپتال پهچايو، جن کي طبي امداد ڏني وئي. متاثرن صحافين کي ٻڌايو ته سامونڊي پٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو واحد ذريعو واهن ۽ شاخن ۾ ايندڙ پاڻي آهي ۽ واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري هو هينڊ پمپ جو پاڻي استعمال ڪن ٿا، 24 ڪلاڪ پهرين سندن ڳوٺ ۽ پاڙي ۾ لڳل هينڊ پمپ جو پاڻي پيئڻ کانپوءِ افطاري ۽ سحري تي روزو رکڻ سميت پاڻي پيئندڙ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا گيسٽرو ۾مبتلا ٿي ويا آهن، جنهن ۾ هڪ سال جي عائشا ڌيءَ سانوڻ جت ڳوٺ ۾ ئي فوت ٿي وئي.

گيسٽرو وگهي محمد فضل، سڄڻ، حنيف، زبيدا، جبار، نظير، ظهوري، پير ڏنو، شهروز، مومل، محمد ابراهيم، بختاور جوڻيجي، پير ڏنو، عمرا ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي پهريان ڪڍڻ رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي علاج جون سهولتون نه هجڻ ڪري کين بدين انڊس سول اسپتال آندو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته گندو پاڻي واپرائڻ سبب ڳوٺاڻا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿيا آهن. ڳوٺ ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي ليبارٽري چڪاس ڪرائي پئي وڃي، متاثرن ۾ ڪيترائي روزيدار شامل هئا، جڏهن ته اسپتال انتظاميا ڪيترن ئي مريضن کي اسپتال جي بيڊن تي رکڻ بدران اسپتال ٻاهران رکيو، جنهن سبب مريضن جي حالت خراب ٿيندي رهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *