Tuesday , April 16 2024

بخشاپور ۾ مامي معمولي ڳالهه تان ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو

بخشاپور (سنڌسماءَچار نيوز) بخشاپور ويجهو مامي معمولي ڳالهه تان پسٽل جا فائر ڪري نوجوان ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن دعويٰ ڪئي آهي ته کيس چانهن جو ڪوپ چورائڻ جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي پر معاملو ڪو ٻ يو لڳي ٿو. بخشاپور ڀ رسان ڳوٺ سيد شهنشاهه ۾ مامي جوابدار غلام رسول ڀنگوار کي ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري ڀاڻيجي محمد موسيٰ بنگوار کي قتل ڪري ڇڏيو. علائقي ۾ چوٻول آهي ته، مقتول نوجوان تي مامن ڪوپ چوري ڪرڻ جو الزام هنيو هو، جي صفائي ڏيڻ لاءِ هُو مامي وٽ سندس اوطاق تي ويو، جتي اڳ ئي موجود سندس مامون غلام رسول ڀنگوار موجود هو، جنهن سندس ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ئي مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو. قتل جو اطلاع ملڻ تي گبلو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو. نوجوان جو لاش گهر پهچندي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن ميڊيا کي دانهيدي ٻڌايو ته ڪوپ جي معمولي ڳالهه تان مامي ڀاڻيجي کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، کيس گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته غلام رسول پنهنجي ڀاڻيجي قتل ڪرڻ بعد گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي،گرفتاري لاءِڪارروائي ڪئي پر هن نه اچي سگهيو.جوابدار جلد گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو. قتل واري واقعي بابت علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آهن تي ظاهري طور تي ڪوپ چوري ڪرڻ جي ڳالهه ڦهلائي وئي آهي، پر معاملو ڪو ٻيو آهي جيڪو جوابدار ۽ مقتول واري ڌر لڪائي رهيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *