Friday , April 19 2024

بحريا ٽائون جو سنڌ حڪومت جي مدد سان قديمي ڏيپار گوندر ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ ٽن ڏينهن کان گهيرو

اسان سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائندن مان آسرو پَلي سرن سان ڪفن ٻڌي ٻڌي ڇڏيو آهي: ڳوٺاڻا

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران بحريا ٽائون ڪراچي کي ڏنل زمينن تي قديم ڳوٺن کان رهڻ جو حق به کسجي ويو، سنڌ حڪومت جي مدد سان بحريا ٽائون قديمي سنڌي وسندي ڏيپار گوندر ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ ڳري مشينري سميت موجود، پوليس به مددگار بڻيل، ڳوٺاڻا ٽن ڏينهن کان لڳاتار مزاحمت ڪرڻ لڳا، ڪو به سياسي اڳواڻ وٽن لڙي نه ويو. گڏاپ جي قديم وسندي ڏيپار گوندرڊاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان بحريا ٽائون جي انتظاميا، بحريا سيڪيورٽي جا اهلڪار ۽ پوليس ٽن ڏينهن کان ڳوٺ جو گهيرو ڪيو ويو آهي، سوين سالن کان آباد ڳوٺ جي رهواسين پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجا اجها بچائڻ لاءِ ڳري مشينري، سيڪيورٽي اهلڪارن جي هٿيارن آڏو ڌرڻو هڻي کين روڪي ويٺا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اڳي فلسطين جي وسندين تي قبضا ٿيڻ جون ڳالهيون ٻڌيون هيون پر هاڻي اسان پاڻ اهو سڀ ڪجهه ڀوڳي رهيا آهيون، عدالتون، سنڌ حڪومت، پوليس، رينجرز  سميت سياسي پارٽيون به بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض آڏو بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن.هنن چيو ته اسان جن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري اسيمبلين ۾ موڪليندا رهيا آهيون، اڄ اُهي به سڃاڻڻ لاءِ تيار ناهن، ساجد جوکيو سميت ملير ضلعي جي سمورن چونڊيل نمائندن سان رابطا ڪيا پر ڪٿان به سکڻي آٿت به ناهي ملي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون جي نجي سيڪيورٽي جا گارڊ وقفي وقفي سان خاص طور تي رات جي وقت هوائي فائرنگ به ڪندا رهن ٿا، جنهن جي نتيجي عورتن ۽ن ٻارڙن ۾ سخت خوف ڇانيل آهي، هنن ٻڌايو ته هاڻي ته اسان کان ماني جو گرهه به نڙي کان هيٺ نه ٿو لهي، خبر ناهي اسان حڪومت جو ڪهڙُ ڏوهه ڪيو آهي جو ڪير اسان جي واهر ڪرڻ وارو ئي ناهي، اسان کي مڪمل طور ننڌڻڪو ڪيو يو آهي.

ڳوٺ ڏيپار گوندر جي رهواسين چيوته اسان جي اپيل تي ٻيو ته ڪير ڪو نه آيو پر رڳو عوامي پريس ڪلب ملير جا صحافي پهتا هئا پر انهن کي به بحريا ٽائون وارن مڪمل ڪوريج ڪرڻ نه ڏني، انهن صحافين سماجي رابطن جي ويب سائيٽس سميت ڪجهه اخبارن ۾ خبرون به هلايون آهن. ڳوٺاڻن دين محمد گوندر، حاجي حسين گوندر مور گوندر حاجي شفيع محمد گوندر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون انتظاميا ڳوٺ جي ڀرپاسي جي زمين تي زبردستي قبضو ڪري ورتو آھي هاڻ ھو ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ انتظاميا سان گڏجي  ڳري مشينري ڳوٺ جي  ٻاهران پهبچائي وئي آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته، اسانجو ڳوٺ قانوني ۽ قديمي آھي اسانجي بدقسمتي آھي ته اهو ڳوٺ بحريا ٽائون جي حدن ۾ اچي ويو آھي اسان ڪيترا ڀيرا بحريا ٽائون انتظاميا کي ڳوٺ وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي جنهن بعد انتظاميا مڇرجي سموريون انساني ۽ اخلاقي حدون اورانگي ڳوٺ تي زوري قبضي ڪرڻ لاءِ هٿياربندن ڪاروائي شروع ڪري ڏني آھي. بحريا اهلڪارن  عورتن ٻارن  مٿان فائرنگ ڪري ڪجهه عورتن کي زخمي ڪري وڌو ڳوٺ جا رستا بند ڪري ڳوٺ ۾ پاڻي کاڌ خوراڪ جي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مريضن کي اسپتالن ڏانهن کڻي وڃڻ يا ڊاڪٽرن کي هتي اچڻ کان به روڪيو پيو وڃي. بحريا ٽائون، پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي گهيري هيٺ آيل ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، اسان پنهنجا ننگ ڌنگ اباڻا اجها بچائڻ لاءِ هاڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ هڪاڻي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اسان سِر سان ڪفن ٻڌي ڇڏيا آهن، بحريا ٽائون کي هاڻي اسان جي لاشن مٿان گذرڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *