Thursday , April 25 2024

بجلي جي پيداوار وڌائي آهي پر لوڊشيڊنگ ته ٿيندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ننڪانه صاحب ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ساڍن چئن سالن دوران ن ليگ جي حڪومت 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ جي واڌو بجلي پيدا ڪئي آهي، هاڻي 15 سالن تائين بجلي جي کوٽ نه ٿيندي، پر جتي بجلي چوري ٿيندي اُتي ته لوڊشيڊنگ ٿيندي رهندي. حڪومت اهڙا منصوبا شروع ڪيا آهن جو 15 سالن تائين بجلي جي کوٽ نه ٿيندي. هاڻي نه جوڊيشل مارچ توڙي ڪا ٻي مارشل نه لڳندي، اهي ڏينهن گذرفي ويا، جيڪي ماڻهو اهڙي  خواهش جو اظهار ڪن ٿا اهي مارشل لا کانسواءِ سياست ڪري ئي ناهن سگهندا. ننڪانا صاحب ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته، نواز شريف جو ويزن ڪامياب رهيو آهي. عام چونڊن عوام پنهنجي ووٽ ذريعي احتساب ڪندو ۽ عوام جنهن جي حق ۾ فيصلو ڏيندو اهائي پارٽي حڪجومت ٺاهيندي. ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل برقرار رهندو، هاڻي نه ڪا جوڊيشل مارشلا ايندي ۽ نه وري ڪا ٻي مارشل لا ايندي، جيڪو عوام جو فيصلو هوندو اهو اکين تي هوندو.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته  جولاءِ ۾ اليڪشن آهي جنهن ۾ عوام جيڪو فيصلو ڪندو اها ئي حڪومت ايندي، آگسٽ ۾ عوام کي نئين حڪومت ملندي ۽ پاڪستان ترقي جو سفر جاري رکندو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته حڪومت جون جيڪي پاليسيون آهن اهي قائم رهنديون، ڪوشش آهي ته اپوزيشن سان ملي اهڙي ايجنڊا تيار ڪئي وڃي جنهن سان پاليسي جو استحڪام پيدا ٿي ۽ سيڙپڪار بنا ڪنهن خوف جي رنڊڪ پيدا ڪن. ننڪانه صاحب ۾  تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽ خريد ڪيا ويا ۽ ساڳين ووٽن سان چيئرمين بڻايو ويو، ايئن دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ٿي سگهي ٿي، اهو بي عزتي جو مقام آهي. هن چيو ته هاڻي به چوان ٿو ته سينيٽ چيئرمين اتفاق سان چونڊيو وڃي ته جيئن ملڪ کي بي عزتي مان بچايو وڃي.  سندس چوڻ هو ته موجوده سينيٽ چيئرمين جي عوام ۾ ڪابه عزت ناهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گرو نانڪ جي نالي سان يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن جي سياست ملڪ جي خدمت جي سياست آهي کيسا ڀرڻ واري سياست ناهي. هن چيو ته نواز شريف عوام ۾ بيٺل آهي ته پنهنجي ڪارڪردگي سبب بيٺل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *