Friday , April 19 2024

بالي ووڊ اداڪاره سونهن راڻي جوهي چاولا ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا جوهي چاولا ڪراچي جي دوري تي پهتل آهي. جوهي چاولا ڪراچي جو دورو ڪري رهي آهي ۽ هن پاڪستاني فلم جواني ڦر نهين آني ڏٺي. اداڪارا جوهي چاولا سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ پنهنجن چاهيندڙن کي ٻڌايو ته هوءَ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ موجود آهي.هن پنهنجي هڪ تصوير به شيئر ڪئي آهي. جوهي چاولا جو چوڻ آهي ته هن ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ پنهنجن ساهيڙين سان گڏ مانجهاندو به ڪيو. ڀارتي اداڪارا وڌيڪ چيو ته هن پاڪستاني رومانوي ڪاميڊي فلم ڏٺي، جنهن ۾ ڀارتي ڇوڪريءَ ۽ پاڪستاني ڇوڪرو رومانوي ڪهاڻي کي جنم ڏين ٿا. اداڪارا جوهي چاولا ان کان اڳ 2013 ۽ 2016 ۾ به خانداني شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪراچي اچي چڪي آهي.هوءَ هڪ ڀيرو پنهنجي ناني جي طبيعت پڇڻ لاءِ نارائڻ سوامي مندر ۾ به اچي چڪي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري کي ڪارڪنن پاران ڏنل درخواستون رستي ٿان هٿ

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *