Thursday , April 25 2024

بااثر شخصيت جي مداخلت، آءِ جي سنڌ تي هٿ هلڪو رکڻ جي هدايت

وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ جي  بدلي تي هنگامي بنيادن تي يوٽرن وٺي ڇڏيو

مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سيفٽي ڪميشن ۾ آءِ جي سنڌ خلاف منظور ڪيل ٺهراءُ به واپس

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌ سماءَ چار) ”آءِ جي سنڌ ڪليم امام بدلي نه ٿيندو،  اها به خبر آهي ته ميڊيا ۾ آءِ جي خلاف خبرون ڪير پيو هلرائي، سندس خلاف واويلا بند ڪئي وڃي“ اهڙي هدايت سنڌ ۾ مقرر هڪ وفاقي اداري جي بااثر شخصيت وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڪئي هي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي سنڌ نيڪالي ۽ نئين آءِ جي جَي مقرري وارين سنڌ حڪومت جي ڪوششن بابت سنڌ حڪومت جي ذريعن کان کان معلوم ٿيو آهي ته، سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام کي بدلي ڪري پنهنجي پسند جو آءِ جي مقرر ڪرڻ وارين ڪوششن تي بااثر وفاقي شخصيت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن ڏينهن سنڌ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ خلاف هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو، ان ئي ڏينهن وڏي وزير مراد علي شاهه کي بااثر شخصيت سان رابطي جي هدايت ڪئي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، وڏي وزير کي سختي سان هدايت ڪئي وئي ته آءِ جي سنڌ خلاف واويلا ڪرڻ سٺو عمل ناهي، وڏي وزير کي اها به هدايت ڪئي وئي هئي ته، ميڊيا ۾ آءِ جي خلاف جيڪي خبرون هلرايون پيو وڃن ۽ حڪومت ۾ شامل جيڪي ماڻهو انهن خبرن کي ميڊيا ۾ فيڊ ڪري رهيا آهن انهن کي به سمجهائي ڇڏيو ته آئينده اهڙي عمل کان پاسو ڪن.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق وڏي وزير مراد علي شاهه ان معاملي بابت پارٽي قيادت کي به آگاهي ڏئي سندن مرضي معلوم ڪئي، ذريعن جو چوڻ هو ته، پارٽي قيادت به وڏي وزير کي معاملي ٿڌي نموني سان حل ڪري اجائي ڪنهن ڦڏي ۾ پوڻ کان پاسو ڪري. جنهن کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي هڪ صلاحڪار ۽ ٻن وزيرن کي هدايت ڪئي ته اهي آءِ جي واري معاملي تي في الحال ڪا به تڪراري بيان بازي نه ڪن. سنڌ حڪومت جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير جي اهڙين هدايتن کانپوءِ به سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ وچ ۾ اختلافن ۽ سندس بدلي بابت ميڊيا تي خبرون هلڻ جو سلسلو نه رڪيو جنهن تي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا جي ڪجهه وزيرن ۽ هڪ صلاحڪار تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته سندس منع ڪرڻ بعد ميڊيا تي هليل خبرون انهن نه پر پارٽي (پ پ پ ) جي ڪجهه اڳواڻن معرفت هلرايون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير اهڙي رپورٽ پارٽي قيادت کي ڏئي ڇڏي.

آءِ جي سنڌ جي خلاف سنڌ حڪومت جي واويلا واري معاملي تي بااثر شخصيت جي مداخلت کانپوءِ، سنڌ پبلڪ سيفتي ڪميشن جي اجلاس ۾ ڪليم امام خلاف منظور ڪرايل ٺهراءُ به وڏي وزير مراد علي شاهه واپس وٺي ڇڏيو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق سنڌ پوليس ۾ مقررين ۽ بدلين بابت وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ وچ ۾ تڪرار نه ٿيندو، آءِ جي سنڌ ڪليم اما جي بدلي وارو معاملو في الحال مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پيز سطح جي ڪجهه آفيسرز جو چوڻ آهي ته، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام وچ ۾ هم آهنگي هئي پر ڪجهه ماڻهن ٻنهي ۾ اختلاف پيدا ڪرائي ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪيو، جنهن تي ڪجهه ڌريون خوش نه هيون ۽ اُهي خاموشي سان معاملي جو جائزو وٺي رهيون هيون. پوليس آفيسرز موجب آءِ جي سنڌ خلاف سنڌ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ ٺهراءُ منظور ڪرڻ  جون تياريون ڪيون پئي ويون ته انهن ڌرين سان گڏ سنڌ پوليس ۾ به انتهائي بيچيني جي لهر ڇائنجي  وئي، ٺهراءَ پيش ڪرڻ کان ٻه ڏينهن پهريان ڪجهه وزيرن جي معرفت اهو ٺهراءُ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *