Friday , March 29 2024

بااثر جوابدارن جي بواسير جو علاج خانگي اسپتالن ۾ ۽ غريب قيدين جي ڪينسر جو به علاج نه ٿو ٿئي: چيف جسٽس

لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته، بااثر ۽ طاقتور ملزمن جي بواسير جو علاج ڪرائڻ لاءِ کين خانگي اسپتالن جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيو پر غريب ۽ بي پهچ قيدين جي ڪينسر سميت ٻين موذي مرضن جو علاج به نه ٿو ڪرايو وڃي؛ ڇا اها بنيادي حقن حقن جي لتاڙ ناهي، تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ جو مون ٽاسڪ ڏنو آهي، اومني گروپ سميت ڪير به اسان لاءِ اهم نه آهي، اهميت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن کي انصاف ڏنو وڃي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار لاهور بار کي خطاب ڪندي چيو ته ڪيسز جي اڪلاءَ ۾ دير جو هڪ سبب نئين قانونسازي نه ٿيڻ آهي، قانونسازي نه ٿيندي ته معاشرو نه هلي سگهندو، دير جو ٻيو سبب عدليه جي نااهلي آهي. چيف جسٽس  پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪفر جو معاشرو ته قائم رهي سگهي ٿو، پر ناانصافي تي ٻڌل معاشرو قائم رهي نٿو سگهي، ڇا اسان پنهنجو ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهيون؟  هن چيو ته ملڪ ۾ غائب ڪيل شهرين جي بازيابي لاءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ چئني آءِ جيز کان جواب طلب ڪيو آهي. لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار  چيو ته ڪيسن جا فيصلا وقت تي ڏيڻ  عدالت جي ذميداري آهي، جنهنجو حق ماريو وڃي ٿو، اهو انصاف جي انتظار ۾ رهي ٿو. هن چيو ته ججز جيتري پگهار وٺن ٿا، کين ايترو ڪم به ڪرڻ گهرجي. قانون ۾ ترميمون ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان جديد ذريعن مان فائدو حاصل ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته شهرين کي صاف پاڻي نٿو ملي، منشا بم جهڙا شهرين جا بنيادي حق کائي وڃن ٿا. هن چيو ته انصاف ۾ دير عدليا جي نااهلي به آهي، شهرين جا بنيادي حق محفوظ ناهن. جسٽس ثاقب نثار چيو ته 50 پئسن جي پاڻي جي بوتل شهرين کي 32 رپين ۾ ڏني وڃي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *