Friday , April 19 2024

بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 23 جنوري تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪندي

مني لانڊرنگ ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عارضي ضمانت ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 23 جنوري تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪندي

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ڪوڙن بئنڪ کاتن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري، ۽ فريال ٽالپر جي عارضي ضمانت ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالت معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هجڻ ڪري 23 جنوري تائين وڌيڪ ڪا به ڪارروائي نه ڪندي، بئنڪ ڪورٽ اهڙو حڪم آصف ۽ فريال ٽالپر جي عدالت ۾ موجودگي دوران ڏنو، عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پ پ اڳواڻن جي وڏو انگ موجود هو. ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ ڪوڙن بئنڪ کاتن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن دوران مک جوابدار ڄاڻايل، اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر پيش ٿيا، جنهن دوران صوبائي وزير امتياز شيخ، منظور وساڻ، نثار کهڙو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ عدالت پهتا، جنهن سبب عدالتي احاطي ۾ بدنظمي به ٿي.

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر عدالت کي عارضي ضمانت م واڌ جي درخواست ڏني جنهن تي ايف آءِ  اي پاران به ڪو اعتراض نه واريو ويو. عدالت ٻنهي جي عارضي ضمانت ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪندي ڪارروائي 23 هين جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. بئنڪنگ ڪورٽ ريمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي اجازت کانسواءِ ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي نه ٿي هلائي سگهجي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ايف آءِ اي کي حتمي چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جنهن تي عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ اسان کي هن ڪيس ۾ وڌيڪ ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان روڪيو آهي، انڪري في الحال ڪو به حڪم جاري نه ٿو ڪري سگهجي. عدالتي ڪارروائي بعد آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر بينڪنگ ڪورٽ مان واپس روانا ٿي ويا.

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ هڪ هفتي جي واڌ جو امڪان،سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *