Friday , April 19 2024

اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس (ر) جواد ايس خواجا هڪ اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳو

لاهور(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهڻا ججز فيصلا ته لکندا آهن پر انهن کي انگريزي نه ايندي آهي، عدالتن ۾ قومي ٻولي پڙهي ۽ لکي وڃي جيئن سڀني کي دليل، قانوني ۽ آئيني وضاحتون ۽ فيصلا سمجهه ۾ اچي سگهن. اهو چوڻ آهي پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رٽائرڊ جواد ايس خواجا جو. جسٽس (ر) جواد خواجا هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته، ڪيترائي جج صاحب فيصلا انگريزي ۾ لکندا آهن پر هنن کي انگريزي ناهي ايندي. سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس پاڪستان جواد ايس خواجا رٽائرمينٽ کانپوءِ لاهور جي بيديان روڊ تي ٽيٺر ڳوٺ جي ان اسڪول ۾ پڙهائي رهيو آهي، جنهن ۾ سندس گهرواري پهريان ئي پڙهائي رهي آهي. ان اسڪول ۾ سندس گهرواري به ٻارن کي پڙهائيندي آهي ۽ سندس ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون به ان ئي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. انٽرويو ۾ جسٽس ريٽائرڊ جواد ايس خواجا چيو ته عدالتن ۾ قومي ٻولي لکي ۽ ڳالهائي وڃي ته جوابدارن کي خبر پئجي سگهي ته عدالت ۾ سندن بابت ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته جج آئين جي پاسداري جو حلف کڻندا آهن، آئين ۾ ته ذڪر ئي قومي ۽ صوبائي ٻولين جو آهي، اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آهي. جواد ايس خواجا چيو ته جڏهن آئين اجازت ناهي ڏيندو ته جج صاحب انگريزي ۾ فيصلو ڇو لکندا آهن.

جواد ايس خواجا پنهنجي انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڪجهه عدالتن ۾ اردو جي جاءِ تي انگريزي ٻولي استعمال ٿيندي آهي، جوابدارن کي ته خبر ئي ناهي پوندي ته وڪيل ۽ جج هنن بابت ڇا ڳالهائي رهيا آهن. ڪجهه جج انگريزي ۾ فيصلا لکندا آهن پر انهن کي انگريزي ناهي ايندي. تعليمي پاليسي جي حوالي سان جواد ايس خواجا چيو ته پاڪستان ۾ بي شمار ڪميشن بڻيا. حڪومت پاڻ ڏسي ته ڇو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن تعليم ڪنهن کي انسان نٿي بڻائي ته اُها تعليم ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *