Tuesday , April 23 2024

اڳوڻو وفاقي وزير ڪامران مائيڪل ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) نيب نون ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڪامران مائيڪل کي گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته، ڪامران مائيڪل کي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، پورٽس اينڊ شپنگ جي وزير ڪامران مائيڪل  کي اختيارن جي غلط استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪامران مائيڪل قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي من پسند  ماڻهن کي ڪي پي ٽي  جا پلاٽ الاٽ ڪيا. نيب ترجمان مطابق جوابدار ڪامران مائيڪل کي سڀاڻي احتساب عدالت ڪراچي ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو. ڪامران مائيڪل،اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ 2017 کان 2018 تائين وزير رهيو. ن ليگ اڳواڻ نواز شريف جي دور ۾ انساني حقن ۽ پورٽس اينڊ شپنگ جو وزير به رهيو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڪامران مائيڪل آزاد حيثيت ۾ سينيٽر به چونڊيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *