Thursday , April 25 2024

اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پرڏيھ نه وڃي سگهندو: سنڌهاءِ ڪورٽ

Sindh High Court buld

سنڌ جي سڌسماءَ کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سنڌ جي سرڪاري خزاني ۾ مبينا گهوٻيون هڻندڙ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ هاڻي پرڏيھ نه وڃي سگهندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙُ حڪم شرجيل ميمڻ پاران علاج لاءِ پرڏيھ وڃڻ واري درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ڊويزن بئنچ سڌ سماءُ واري کاتي ۾ پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه شرجيل انعام ميمڻ پاران داخل ڪيل درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڏنو. ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته شرجيل انعام ميمڻ جي وڪيل ڊاڪٽر فيض شاهه پيش ٿي اهو موقف اختيار ڪيو ته شرجيل انعام ميمڻ جي طبيعت خراب آهي، جنهن لاءِ کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ لازمي آهي پر هو اي سي ايل ۾ نالو شامل هجڻ سبب پرڏيهه نه ٿو وڃي سگهي، جنهن ڪري کيس علاج لاءِ هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن جي وفاقي سرڪار جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته شرجيل انعام ميمڻ خلاف پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن بابت نيب ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته سندس خلاف بحريه کي زمين ڏيڻ ۽ ٻيلي کاتي جي زمين بابت انڪوائريون هلندڙ آهن، جن ۾ ان سنڌ هاءِ ڪورٽ مان عارضي ضمانت منظور ڪرائي ۽ عدالت سندس ضمانت کي پڪو ڪرڻ بابت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هن وقت شرجيل انعام ميمڻ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، جنهن تي عدالت شرجيل انعام ميمڻ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *