Saturday , April 20 2024

اڳوڻو ايم پي اي نصرالله بلوچ ۽ پي ٽي اڳواڻ ديدار جتوئي نيب جي وڪڙ ۾، ريفرنس داخل، گرفتاري جو امڪان

سکر(رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم پي اي ۽ خورشيد شاهه جو ويجهو ساٿي نصرالله بلوچ ڪرپشن جي الزامن هيٺ نيٺ نيب جي جڪڙ ۾ اچي ويو آهي، سندس خلاف 96 ايڪڙ سرڪاري زمين ڦٻائڻ جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي وڌيڪ ڪارروائي احتساب عدالت ۾ شروع ڪئي ويندي. نصرالله بلوچ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه انتهائي ويجهو بااعتماد ساٿي آهي. نصرالله بلوچ سان گڏ نيب جي آفيسرز خلاف به ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جو اڳواڻ ديدار جتوئي خلاف به ڪرپشن ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. نئب سکر تعلقي روهڙي جي روينيو آفيسرن سان گڏجي سرڪاري زمين جي کاتن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي الزام هيٺ اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ، مقامي سياستدان ديدار علي جتوئي، اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز علي هاليپوٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر مولاداد دراني، اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهد علي شاهه، ٻن مختيارڪارن قربان علي انڍڙ ۽ شاهنواز چارڻ، پنجاب پوليس جو عملدار آفتاب قيصر ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪري ورتو آهي. نيب ذريعن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته، نصرالله بلوچ، ديدار جتوئي ۽ ٻين کي گرفتار به ڪري سگهجي ٿو.

نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته، سکر کي تعلقي روهڙي جي روينيو آفيسرن پاران ديهه آبيجاڻو ۾ 96 ايڪڙ سرڪاري زمين فوتي کاتن تي داخل ڪرائي ڦٻائي ويو هو. نصرالله بلوچ خلاف نيب ابتدائي طور انڪوائي ڪئي ۽ بعد ۾ جاچ دوران سندس بيان به رڪارڊ ڪيو ويو هو، پر هُو نيب کي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو هو. هن روينيو آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري کاتن جون ڪوڙيون داخلائون دفتر داخل ڪرايون هيون. ساڳئي ڪرپشن ڪيس ۾ ٻين نامزد جوابدارن جي حق ۾ اصل زمين جو کاتو منتقل ڪرايو. پڇاڳاڇا دوران اهو به پتو پيو ته 2 ٻيون جعلي انٽريز به ٿيون جنهن ذريعي 30-16 ايڪڙ سرڪاري زمين جنهن جي ماليت 33 ڪروڙ 50 لک رپيا آهي ديدار علي جتوئي ۽ آفتاب قيصر جي حق ۾ جعلي داخلائون  ڪيون ويون اها زمين سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) کي الاٽ ڪئي وئي هئي.

زمين ڦٻائڻ واري معاملي جي جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته، ديدار علي جتوئي پاران 2016 کان وٺي 3 ڀيرا سول ڪورٽ ۾ زمين هينڊ اوور ڪرڻ لاءِ درخواستون ڪيون ويون، هن وقت زمين جو قبضو اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ SIUT جي قبضي هيٺ آهي. نئب سکر جي پڌرائي موجب 2 جوابدار ارشد علي وسير (پرائيويٽ ماڻهو) ۽ آفتاب قيصر گرفتار ڪيا ويا آهن جيڪي جڊيشل تحويل ۾ آهن، جڏهن ته ٻين نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *