Wednesday , April 24 2024

اڪبر لغاري ثقافت، احمد بخش ناريجو سُڌسماءَ کاتي جو سيڪريٽري مقرر

اڪبر لغاري ثقافت، احمد بخش ناريجو سُڌسماءَ کاتي جو سيڪريٽري مقرر، ڪي ڊي اي جو ڊي جي ڊاڪٽر بدر جميل منڌو عهدي تان فارغ، رپورٽ ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران هنڪ ڀيرو ٻيهر اهم کاتن جا سيڪريٽري تبديل ڪري ڇڏيا، اڪبر لغاري ثقافت کاتي جو سيڪريٽري مقرر. سنڌ حڪومت پاران ڪامورن جي مقررين ۽ بدليون جو سلسلو جاري آهي، ثقافت کاتي جي سيڪريٽري پرويز احمد سيهڙ کي بدلي سندس جاءِ تي اڪبر لغاري کي سيڪريريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ثقافت کاتي جي بدلي ڪيل سيڪريٽري پرويز سيهڙ کي سنڌ بورڊ آف روينيو (جڊيشل) مقرر ڪري اتان بقاءُ الله انڙ کي بدلي ڪري هيومن سيٽلمينٽ کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، هيومن سيٽلمينٽ کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو کي بدلي ڪري سنڌ جي سُڌسماءَ واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.20هين گريڊ جي آفيسر سميع الدين صديقي ۽ اعجاز حسين بلوچ کي صوبائي اليڪشن اٿارٽي جو ميمبر مقرر ڪري خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد کي فوڊ اٿارٽي جي ڊي جي جي اضافي چارج سونپي وئي. زراعت کاتي ۾ تازو 18هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ مشتاق احمد جمالي کي شهدادپور، خادم حسين اڄڻ کي مورو، ظفر اقبال سومرو کي ڪوٽ لالو ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر واٽر مينجمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سانگهڙ ضلعي جو ڊي سي رهندڙ 19هين گريڊ جي نثار احمد ميمڻ کي صحت کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪري کيس اسپيشل سيڪريٽري صحت جي اضافي چارج پڻ سونپي وئي آهي.نوٽيفڪيشڻ مطابق ڪي ڊي اي جي ڊي جي ڊاڪٽر بدر جميل منڌرو کي هٽايو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *