Friday , March 29 2024

اچيورس ويلفيئر آگنائزيشن تعليمي ميدان ۾ بهتر ڪم ڪري رهي آهي- تعليمي ماهر ۽ سڄاڻ شخصيتون

Ranipur

راڻيپور ( شير محمد سولنگي) راڻيپور جي انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو اچيورس ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ھڪ تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو ، جنھن کي عثمان عمر ، عبدالله، شير محمد سولنگي ،ربنواز راز،سيد زوار شاھ،  گلڻ ڄامڙو، محمد رمضان عباسي، ديدار عباسي، واليڏنو صديقي، عطا رسول ڄامڙو، ۽ قاسم ملڪ سميت ٻين تعليمي ماھرن، سياسي سماجي اڳواڻن صحافين ۽ شاگردن پڻ خطاب ڪيو، انهي موقعي تي مقررين پنھنجي خطاب ۾ چيو ته تعليم انسان جي ٽئين اک آھي، تعليم سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو ڄمڻ کان مرڻ تائين تعليم پرايو جيڪا سڀ لاه ضروري آھي جنھن لاه چاھي چين يا ولايت ڇو نه وڃڻو پئي مقررين  وڌيڪ چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد نوڪري ڪرڻ نه آهي تعليم حاصل ڪرڻ سان معاشري ۾ تبديلي ايندي آهي ۽معاشري ۾ بگاڙجو خاتمو ايندو آهي ان لاء هر انسان کي بهتر تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي گهرمان هڪ ٻار تعليم جي زيور سان نوازڻ بعد ان جو سڄي علائقي تي بهتر اثرٿيندو آهي حضورپر نور جوارشاد آهي ته پينگهي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو هن وقت ملڪ کان ٻاهر تعليم حاصل ڪرڻ کان بهتر اداراملڪ ۾ تعليم ٻارڙن ڏيڻ لاء موجود آهن جن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي سمينار ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن تعليم جي بهتري لاء تقريرون ڪيون۽ آيلن مهمانن کي سنڌي ثقافتي اجرڪن ۽ ٽوپين جاتحفه پيش ڪيا. جڏھن ته انھي موقهي مظهر مسلم، ايورشائن ۽ مھراڻ پبلڪ اسڪول سميت ٻين تعليمي ادارن جا سوين شاگرد شامل ھيا.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *